GuidePedia

0
Hala=Hala Old M Munaqid Taqreeb M Muazazin M MWM K Janab  Sy Sheelds Taqsem Kerty

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

هالاپراڻا جي دربار حضرت عباس علمدار درگاهه سيد فيض محمد شاهه بخاري تي سالانه رسم چادر ۽ سالانه مرڪزي جشن معصومين برپا ڪيو ويو،  چادرن جو جلوس مرحوم حبيب الله حيدري هائوس تان ڪڍيو ويو جيڪو قلندر جي ڌمال سان شهر جي مختلف رستن کان ٿيندو درگاهه سيد فيض محمد شاهه بخاري تي پهتو،ان  چادر تقريب ۾ متحده وحدت المسلمين جي مرڪزي اڳواڻ سيد فرمان علي شاهه ڪاظمي، پروفيسر ڊاڪٽر نياز حسين ميمڻ سميت هالا،مولوي سڪندرعلي سعيدي،مولوي اخترعلي ڪمي،ايم ڊبليو ايم جو پريس سيڪريٽري همير علي ميمڻ، هالاپراڻا ۽ درگاهه سيد فيض محمد شاهه جي هزارين عقيدتمندن شرڪت ڪئي، جشن ۾ هالا، هالاپراڻا، خانوٺ، ڀٽ شاهه، ٽنڊوآدم ۽ حيدرآباد جي قصيده خوانن قصيدا  خواني جو شرف حاصل ڪيو، هالا پراڻا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو درگاهه سيد فيض محمد شاهه جي متولي زوار امام بخش حيدري پاران مومنين کي ڊاڪٽر عبدالحسين سومرو،زوار الهه بچايو ڇانڊيو،زوار علينواز عمراڻي،زوار ولي محمد مولائي ميمڻ،رسول بّخش حيدري،پڻ اعزاز ڏنا ويا، ان موقعي تي درگاهه جي عقيدتمندن کي زوار امام بخش حيدري ،فيض علي حيدري،پروفيسر نياز حسين ميمڻ،مبارڪون ڏنيون ۽ اتحاد ڀائيچاري جو درس پڻ ڏنو.جڏهن ته ان موقعي تي متحده وحدت المسلمين جي اڳواڻ سيد فرمان علي شاهه ڪاظمي آن لائين سنڌي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته زوار امام بخش حيدري جي ڪاوشن سان هالا پراڻه ۾ موجود عوام جي دلين ۾ حسينيت جو نعرو هڻڻ لاءَ سندس گهر گهرواري درس سبب هتي جي عوام ۾ پڻ بيداري جو روح ڦوڪجي رهيو آهي ۽ اهوڏينهن پري ناهي جو هالا پراڻه جي هرچوڪ تي غازي جو علم لهرائيندو۽ گهٽي گهٽي ۾ نعره حيدري لڳڻ سروع ٿي ويندا ۽ انهن نعرن لڳڻ تي ئي غاسب پاڻ اري پنهنجي راه فرار اختيار ڪندا.هن چيو ته ايندڙ ڇونڊن ۾ متحده وحدت المسلمين ضلعي مٽياري جي ٽنهي سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي ۽ ڪنهن به غاسب کي هتانجي مظلوم عوام تي هاوي ٿيڻ نه ڏنوويندو.ان تقريب ۾ هالا جي صحافي عبدالغفور ميمڻ،امان الله ڏاهري،وڪيل ملڪ،اختر حسين ميمڻ،گلشن صدر،رحمان ڪشميري جن پڻ شرڪت ڪئي.مذڪوره محفل فجر نماز تائين جاري رهي.

إرسال تعليق

 
Top