GuidePedia

0
Hala Press Club Membran Group Photo

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 26 مئي 2016

مخدوم سعيد الزمان جي مٺاس ۽ قرب کي ڏسندي سندس حق ۾ هٿ کنيم ۽ مخدوم هائوس جي پاران ضلعي مٽياري خصوصن سندن علائقي جي عوامي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي ڪمن جي جلد مڪمل ڪرڻ جي يقين ڌياني تي سروري جماعت جي سرواڻ مخدوم جميل الزمان ۽ سرَوري تنظيم جي اڳواڻ ايم اين اي مٽياري مخدوم سعيد الزمان جي ڪاوشن يقين آهي اهڙن خيالن جو اظهار بلوڇ برادري جي اڳواڻ ۽ ضمني چونڊن ۾ مخدوم سعيد الزمان سان چونڊ مقابلي جي اميدوارحاجي جان محمد بلوچ هالا ۾مخدوم سعيد الزمان جي پي اي ۽ هالا پريس ڪلب جي سرپرست اعلي محمد بچل مغل سان ملاقات دورانآن لائين سنڌي نيوزسان ڳالهائيندي چيو ته ضمني چونڊن حصو وٺڻ صرف هتانجي عوام جي ترجماني ڪندي هتانجي عوام کي سندن حق۽ علائقي جي ترقي ڏيارڻ هو جنهن تي مخدوم برادري خصوصن مخدوم جميل الزمان،مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان پاران سندن سمورن عوامي مسئلن جي حل جي مڪمل يقين ڌياني ڪرائڻ تي ضمني چونڊ ۾ مخدوم سعيدالزمان جي حق ۾ دستبردار ٿيندي سندن حمايت ڪئي هن چيو ته کيس مخدوم هائوس تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو ساڻس ڪيل واعدن جي مڪمل پاسداري ڪندي سندن ڳوٺ حاجي جمعه خان بلوچ سميت مٽياري ضلعي جي عوام جا مسئلا حل ڪندي هتان جي عوام جا مسئلا ۽ ضلعي ڀر ۾ برابري جي بنياد تي ترقياتي ڪم ڪرائيندا.

إرسال تعليق

 
Top