حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي ننڍن ملازمن
پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مرڻ گھڙي تائين واري بک هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري، سخت
گرمي ۽ نٽهڻ اس سبب بک هڙتال تي ويٺلن جي حالت هڪ ڄڻوبيماراسپتال منتقل ۽ ٽن کي
گلوڪوس جو ڊرپون لڳايون ويون. پريس ڪلب حيدرآباد سامهون بک هڙتال تي ويٺل سيوا
اڳواڻ جميل گوپانگ جي حالت خراب ٿيڻ ڪري کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته
سيوا اڳواڻن غلام نڀي ڀالائي، احمد علي شيخ ۽ شوڪت مسيح جو بلڊ پريشر ۽ شگر ليول
گھٽ هئڻ ڪري کين ڊرپون لڳايون ويون. ان موقعي تي سيوا جي صدر غلام نبي ڀلائي
صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو وجود خطري ۾ آهي يونيورسٽي جي
هزارين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ملازمن کي پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ڪيو
پيو وڃي. هڪ طرف ڪچن ملازمن کي پڪو نه پيو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف يونيورسٽي ۾ پرائيويٽ
سيڪيورٽي آڻي يونيورسٽي جي 326 کي بيروزگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊي پي سي ۽
سليڪشن بورڊ نه پيو ويهاريو وڃي. ٽيڪنيڪل اسڪيم تحت ترقيون نه پيون ڪيون وڃن،
ملازمن جا 25 کان مٿي قانوني مسئلا آهن جن کي حل نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته فوتي ۽
سن ڪوٽا جيڪا 3 صوبن ۾ ته آهي، پر اها هتي بحال نه پئي ڪئي وڃي. هن سنڌ جي ساڃاهه
وند، انساني حقن ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي کي بچائڻ ۽ ننڍن
ملازمن جي مسئلن جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل مسئلا حل ڪرايا وڃن.
إرسال تعليق