GuidePedia

0
Sindh Sindhi News Online Online Sindhi News

سنڌ جي تعليم کاتي اونهاري جي موڪلن جي اعلان باوجود تدريسي عمل جاري رکڻ تي 46 پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي، جاچ ٽيمن جي رپورٽ تي تعليم واري سيڪريٽري 46 اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي 19 مئي کان 24 جولاءِ تائين اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو پر ڪراچي جي نجي تعليمي ادارن اهڙي فيصلي کي رد ڪندي تدريسي عمل جاري رکيو آهي.
تعليم واري سيڪريٽري پاران جوڙيل ٽيمن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رپورٽ پيش ڪئي، جنهنجي بنياد تي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو
 46 اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

إرسال تعليق

 
Top