GuidePedia

0
هالا پروگيسو الائنس مٽياري ضلع جي عوام طرفان نوشھري ضلع جي ڳوٽ ريئي ۾ بااثر وڏيري محمد بخش موٽيجي پاران منعقد جرڳي ۾ سنڌ جي مسڪين ٻن ڀائرن هرهڪ اياز ميمڻ ۽سهيل ميمڻ مٿان فيصلي ۾ وات ۾ جوتا وجهي سوين ڳوٽائڻ اڳيان تذليل جو نشانو بنائيندي معافي وٽرائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اسين گهر ٿا ڪريو ته فوري طور گرفتار وڏيري کي دهشتگردي ڪورٽ ۾ پيش ڪري کيس سزا ڏني وڃي پروگيسو الائنس مٽياري ۾ شامل جماعتون جسقم مسلم ليگ ن جماعت اسلامي سنڌ يونائينڊ پارٽي مسلم ليگ فنڪشل ۽سنڌ سڪار سوسائٽي اهڙي واقعي خلاف سراپا احتجاج بنجي عبدالرشيد ڏيٿو سردار اياز ميمڻ سيد حاڪم شاه امام بخش لغاري عمران ميمڻ وحيد ميمڻ حامد قريشي سينگار ڏاهري جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن هالاپريس ڪلب پهچي ريئي واقعي ۾ ملوث بااثر وڏيري محمد بخش موٽيجي خلاف احتجاج ۽ ڌرڻو هنيو ان موقعي تي هنيل ڌرڻي ۾مٽياري پروگيسو الائنس جي اڳوائن چيو ته واقعو انسانيت جي توهين ۽تذليل آهي اهڙين واقعن مان محسوس ٿئي ته سنڌ حڪومت جي نالي ڪامٿي نه آهي سنڌ جو انتظامي ڍانجو ناڪاره بنجي ويو آهي سنڌ جي انتظاميه ڪرپٽ وڏيرن جي ڪمداري رهي آهي اسين ملڪ جي اعلي عدليه سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريو ته فوري طور اهڙي واقعي جو نوٽيس وٽي ظالم وڏيري کي سزا ڏيارڻ سان گڏ نااهل سنڌ انتظاميه خلاف ڪاروائي عمل۾ آندو وڃي

إرسال تعليق

 
Top