GuidePedia

0
Imran Khan Media Talk Online Sindhi News

فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي وزيراعظم رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، فيصل آباد ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سخت گرميءَ ۾ ايتري وڏي انگ ۾ اچڻ تي توهان جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان، مان پنهنجي عورت ڪارڪنن کان معافي ٿو وٺڻ چاهيان ته هنن سان جيڪا جلسن ۾ زيادتي ٿي ان تي معافي ٿو گھران،
هن چيو ته ايندڙ جلسن ۾ ڪير به عورتن آڱر کڻي نه سگھندو، مون ٽائيگرن کي تيار ڪئي آهي ته جيڪو به عورتن جي ويجھو اچي ان کي اهڙي کڙهه هڻو جو ياد ڪري، عورتن جي حفاظت لاءِ ٽائيگر فورس بڻائي آهي، نوجوان، هارين جو ٿورائتو آهيان. اڄ 47 ڊگري سينٽي گريڊ جي گرمي آهي، اوهان برداشت ڪئي، اهو جذبو ۽ جنون نئون پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو، عمران خان چيو ته مان پاڪستانين کي ياد ڪرائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان هڪ عظيم خواب جو نالو آهي، مان چاهيان ٿو ته اسان جي اقليت به ٻڌي ته منهنجو پاڪستان جو خواب ڪهڙو آهي، منهنجي پاڪستان ۾ سڀ ماڻهو انصاف لاءِ برابر هوندا، سڀني لاءِ هڪ قانون هوندو، ڀلي اهو هندو، مسيح يا ڪير به هجي، هن چيو ته ڇو ته رب العالمين سموري انسانيت جو خدا آهي رب المسلمين ناهي، اسان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻجڻو آهي، جيڪو سڄي اسلامي ملڪن ۾ عدل ۽ انصاف جو مرڪز بڻجي، اسان کي سچو انسان بڻجڻو آهي، الله قرآن ۾ چيو آهي ته مان ڪنهن قوم جي حالت ناهيان بدلائيندو جيستائين اها پنهنجون حالتون پاڻ تبديل نه ڪندي آهي. نوجوان اوهان کي هڪ عظيم قوم بڻجڻو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، عمران خان چيو ته  هن 30 سال اڳ سياست شروع ڪئي ۽ مون 20 سالن کان چوندو رهيس ته جيستائين حڪمرانن جي ڪرپشن ختم نه ٿيندي، تيستائين ملڪ ۽ عام ماڻهو نه سڌرندو، هتي حڪمران پيسو ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن، عمران خان چيو ته مون تي ڪيترائي الزام لڳا، منهنجي گھر واري، مون تي ذاتي حملا ڪيا ويا،  گھر واريءَ تي ٽائلس اسمگلنگ جو الزام هنيو ويو، منهنجو وات بند ڪرائڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪيو ويو. هن چيو ته جيستائين حڪمرانن جو احتساب نه ٿيندو تيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي، ننڍن ملازمن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جڏهن وزيراعظم ۽ ننڍا وزير ڪرپشن ڪن ته هيٺ ڪرپشن گھٽ نه ٿيندي، سندس چوڻ هو ته تازو بلوچستان ۾ فئنانس سيڪريٽري پڪڙيو ويو ان وٽان 68 ڪروڙ رپيا پڪڙيا ويا >

إرسال تعليق

 
Top