GuidePedia

0
Shakil Afridi  news onlinesindhinews
واشنگٽن آمريڪا، پاڪستان کي فوجي امداد ڏيڻ وارو شرط وڌيڪ سخت ڪندي ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي آزادي ۽ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق آمريڪي ڪانگريس 602 ارب ڊالرن واري آمريڪي فوجي بجيٽ 2017ع جي پاليسي بل جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي ساڍا 45 ڪروڙ ڊالر فوجي امداد ڏيڻ لاءِ رکيل شرط وڌيڪ سخت ڪرڻ جو چيو ويو آهي، ذريعن مطابق آمريڪي ايوان جي نمائندن نيشنل ڊفينس آٿرائزيشن ايڪٽ 2017ع منظور ڪري ورتو، جنهن تحت پاڪستان کي 45 ڪروڙ ڊالر جي امداد ان وقت تائين روڪي ويندي، جيستائين پاڪستان عسڪريت پسند گروپ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي نٿو ڪري، جنهن کي قانون ساز افغانستان ۾ آمريڪي فورسز لاءِ سڀ کان وڏو قرار سمجهن ٿا، آمريڪي ايوان جي 277 ميمبرن ان ووٽ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، آمريڪي ايوان جي ميمبرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن خلاف پنهنجون ڪارروايون تيز نٿو ڪري ته آمريڪي قانون تحت پاڪستان کي ڏني ويندڙ 45 ڪروڙ ڊالرن جي امداد روڪي ويندي، بل ۾ پينٽاگون طرفان ان ڳالهه جي تصديق گهري وئي آهي ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ خلاف فوجي آپريشن ڪري رهيو آهي ۽ هن نيٽ ورڪ کي ان ڳالهه جي اجازت ناهي ڏني ته هو اتر وزيرستان کي هڪ محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ڪري ۽ پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪاررواين جي سلسلي ۾ افغان حڪومت سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪري رهيو آهي، هڪ ميمبر چوٿين شرط به شامل ڪئي ته انتظاميا اها تصديق ڪري ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ جي اعليٰ عهديدارن ۽ انهن جي نائبن جي گرفتاري ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته شرطن ۾ شڪيل آفريدي جي آزادي به شامل آهي، ايوان جي ميمبرن ڄاڻايل بل 2017ع ويزن ۾ پاڪستان بابت 3 ترميمون به شامل ڪيون، جن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، هڪ ترميم ۾ امداد جي رليز ٿيڻ جي چوٿين شرط کي به شامل ڪيو ويو ۽ انتظاميا کان تصديق طلب ڪئي وئي، پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ جي سينيئر اڳواڻن ۽ وچولي درجي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪيس هلائڻ بابت اڳڀرائي ڏيکاري. ايندڙ مالي سال لاءِ فوجي خرچن واري بل ۾ پاڪستان جي حوالي سان ٽي ترميمون پيش ڪيون ويون، جيڪي اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويون آهن، انهن ترميمن ۾ القاعده سربراهه اساما بن لادن جي جاسوسي ڪندڙ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي عالمي هيرو قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ، حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي ۽ فوجي امداد ۾ ملندڙ فنڊ يا فوجي سامان کي اقليتي گروپن خلاف استعمال نه ڪرڻ جو شرط رکيو ويو آهي، آمريڪي ڪانگريس جي شرطن ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ  خلاف ڪاررواين لاءِ قدم نه ٿو کڻي، تيستائين ان جي ساڍا 45 ڪروڙ ڊالر فوجي امداد روڪي وڃي، بل ۾ حقاني نيٽ ورڪ کي افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوجين لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي

إرسال تعليق

 
Top