GuidePedia

0
Benazir Bhutto - 1953 - 2007 Online Sindhi News

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 22 جون 2016
پ پ جو قلعو سڏجندڙ مٽياري ضلعي جي چونڊيل نمائندن، اڳواڻن،عهديدارن ۽ جيالن شهيد راڻي جي جنم ڏهاڙي کي مڪمل طورتي وساري ڇڏيو،هالا سميت ضلعي ڀرجي ڪنهن به علائقي ۾ محترمه جي سالگره جي ڪابه تقريب نه ملهائي ويئي.ضلعي جي عوام ۾ مايوسي.

خبر موجب پ پ جي جنم ڀومي سڏجندڙ شهر هالا سميت مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ پ پ سان تعلق رکندڙ ضلعي مٽياري ۾ هڪ وڏو سياسي اثر وسروخ رکندڙ برادرين جن ۾ مخدوم،هاشمي،ڄاموٽ،سيد،راهو،نظاماڻي،جماڻي،سميت ٻين برارين جي پ پ اڳواڻن،چونڊيل نمائندن،پ پ جي عهديدارن ۽ جيالن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽوجي 21 جون تي سندس جنم ڏهاڙو پوري ملڪ سميت دنيا ڀر۾ نهايت ئي جوش وجذبي سان ملهائي ويئي ۽ محترمه شهيد راڻي جي سالگرهه جي سلسلي ۾ خصوصن سنڌ جي هر وڏي توڙي ننڍي شهر ۾ ملهائي ويئي جن ۾ پ پ سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندن، پارٽي جي عهديدارن سميت پ پ جي جيالن پاران پنهنجي وس آهر محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره ملهايون ويون،مگر پ پ جي بنيادي شهر هالا سميت پ پ جو قلعو سڏجندڙ ضلعي مٽياري ۾ شهيد راڻي جي سالگره جي ڪابه تقريب نه ملهائي ويئي ۽ نه ئي وري ڪنهن به پ پ جي اڳواڻ،عهديدار،۽ تازو پ پ جي ٽڪيٽ تي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿي آيل اميدوارن به شهيد راڻي جي نالي تي ڪاميابي ماڻيندي انهن به محترمه جي جنم ڏهاڙي کي بلڪل وساري ڇڏيو،ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ پ پ جي حقيقي جيالن آن لائين سنڌي نيوز سان ڳالهائيندي پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ تي هنن چيو ته پ پ جي جيئي ڀٽو جي نعره تي ووٽ وٺندڙن کي عوام صرف اليڪشنن جي وقت ياد ايندو آهي ۽ اهي اليڪشنن ۾ ڀٽو خاندان ۽ سندن پارٽي جي 3 رنگي جهنڊي کي استعمال ۽ شهيدن جي گانن جي ڌنن تي هتانجي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي نچائي پنهنجو فائدو وٺندي وٺڻ بعد مقامي عوام کي وسارڻ ته ٺهيو البته شهيد ڀٽو جي خاندان سان به بي وفائي ڪندي انهن جي ڏهاڙن کي ملهائڻ به وساري ڇڏيو۽ ضلعي مٽياري تي پ پ تي هاوي رهندڙ بااثر سياسي ڌرين مان ڪنهن به ڌر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 21 جون تي سندس جنم ڏهاڙي جي تقريب نه ملهائي سگهيا جنهن سبب هالا سميت ضلعي مٽياري جي عوام پاران پ پ جي اڳواڻن پاران اهڙي رويي تي سخت احتجاج ڪندي هالا سميت ضلعي مٽياري جي پارٽي قيادت سميت ضلعي عهديدارن ۽ تازو چونڊيل مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪندي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ تقريبون رکڻ جو مطالبو ڪندي هالا سميت ضلعي مٽياري کي پ پ جو قلعو برقرار رکي سگهجي.

إرسال تعليق

 
Top