هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 23 جون 2016
مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي سيڪريٽري
جنرل مولانا دوست علي سعيدي هالا ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته ملڪ جي
حڪمرانن ملڪ ڀر ۾ رهندڙ شيعه برادري جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو ٺيڪو دهشتگردن کي
ڏيندي ملڪ ۾ رهندڙ شيعه برادري کي کلي عام قتل ڪرائي پنهنجن آقائن يورپي ملڪن سميت
سعودي عرب کي خوش ڪري رهيا آهن جڏهن ته حڪمرانن کي اسلام آباد جي ايوانن آڏو شيعه
قوم جي قتل عام جي روڪ ۽ انهن کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن جي گرفتاري لاءَ بک هڙتال تي
ويٺل ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي قائد علامه راجه ناصر عباس جعفري جي احتجاج جو ڪو به
نوٽيس نه وٺندي ملڪ ۾ رهندڙشيعه برادري جي قاتلن کي وڌيڪ ڇوٽ ڏيندي دهشتگردن کي
شيعه برادري جي اهم شخصيتن کي وڌيڪ ٽارگٽ ڪلنگ ڪرڻ لاءَ کين ملڪ جي شه رڳ ڪراچي جي
پرامن ماحول کي خراب ڪندي ڪراچي ۾به شيعه برادري سان تعلق رکندڙ اهم اڳواڻن ۽ اهم
شخصيتن کي نشانو بنائيندي انهن گذريل ڏينهن ڏٺي ڪراچي جي ڳتيل علائقي ۾ ملڪ جي
نامور قوال ۽ عاشقان اهلبيت امجد صابري کي لالو کيت ۾ کيس سندن پاليل دهشتگردن
هٿان گوليون هڻائي انکي شهيد ڪرائي ڇڏيوجڏهن ته امجد صابري جي شهادت جي ڪجهه ئي
وقت بعد نامعلوم دهشتگردن مذڪوره واقعي جي فرلانگ پنڌتي واقع ٽينهٽي چوڪ تي
نامعلوم دهشتگردن ملڪ جي نامور نوح خوان فرمان علي تي قاتلاڻو حملو ڪيومگر رب پاڪ
جي ڪرم ۽ سندس گارڊ جي برجستي هجڻ ۽ ان پاران فرمان علي تي فائر ڪندڙ دهشگردن کي
انهن کان پهرين جواب ڏيندي دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبورڪري ڇڏيو۽ اهڙي طرح ملڪ جي
نامياري نوح خوان فرحان علي جي جان بچائي ورتي.مجلس وحدت المسلمين سنڌ جي سيڪريٽر
جنرل مولوي دوست علي سعيدي چيف آف دي آرمي اسٽاف ۽ سپريم ڪورٽ آف اسلام آباد،چيف
جسٽس آف سنڌ کان مطالبو ڪندي ملڪ ۾ شيعه برادري کي ٽارگٽ ڪلنگ جو نشانو
بڻائيندڙدهشتگردن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ حڪمرانن خلاف سو موٽوجي تحت فوري ايڪشن
وٺندي ملڪ جي صدرممنون حسين،وزيراعظم ميان نوازشريف سميت انجي سمورن وفاقي، ۽
صوبائي وزيرن خلاف ملڪ ۾دهشتگردي جو نشانو بڻيل شهيد ٿيل سمورن شيعه برادري جي قتل
جو ڪيس ملڪ جي حڪمرانن تي داخل ڪندي انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انهن کي سزائون
ڏنيون وڃن.نه ته ٻي صورت ۾ ايم ڊبليو ايم جا لکين ڪارڪنن پنهنجن اڳواڻن جي حفاظت
پاڻ ڪرڻ ۽ حڪمرانن کي گهرڀيڙو ڪرڻ لاءَ روڊن تي نڪري ايندا ۽ ملڪ دمادم مست
ڪيوويندو.ان پريس ڪانفرنس ۾ ساڻس گڏ ايم ڊبليو ايم ضلعي مٽياري ۽ هالا جا عهديدار
مولوي اخترحسين خانوٺي،زوارولي محمد ميمڻ،حمير علي ميمڻ جن پڻ گڏ هئا.
إرسال تعليق