GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 22 جون 2016

ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان ضلعي مٽياري جي سمورن ٿاڻن جي انويٽيگيشن پوليس آفيسرن کي سندن پاران مختلف ڏوهن ۾ گهربل جوابدارجي گرفتاري ۽ مٿان داخل ڪيل ڪيسن ۾ چالان ڪيل جوابدارن جي ڪيسن تي خرچ ڪيل رقم جا چيڪ ۽ ڪيش رقم ڏني ويئي.ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان چيو ته پوليس جوانن پاران ضلعي مٽياري ۾ امن وامان برقراررکڻ لاءَ انهن جي ڪاوشن تي حڪومت پاران ملندڙ سموريون سهوليتون فراهم ڪيون وينديون پوليس فورس جي هرجوان کي سنڌ پوليس پاران بهترين سهوليتون ڏنيون پيون وڃن جنهن سبب پوليس جي جوانن پاران پڻ پنهنجي ڊيوٽيون بهترين انداز ۾ نڀائي رهيا آهن هن چيو ته ضلعي مٽياري جي 52 ڪلوميٽرن جي نيشنل هاءَ وي تي مسافرن کي فل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءَ 28 پوليس پڪٽون ڪيون ويون آهن ۽ عيد جي سلسلي ۾ پنهنجن ماڳن تي ويندڙ مسافرن کي ضلعي مٽياري جي حد مان خيريت سان اماڻيو ويندو. 

إرسال تعليق

 
Top