GuidePedia

0
bhit shah sufi university ke hamayat mein reily
ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي ۽ وي سي پروين منشي جي حمايت ۾ نڪتل ريلي 

ڀٽ شاهه ؛ رپورٽ ؛ سهراب خان ڪاڪا  
ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيل وي سي پروين منشي جي خلاف ڪجهه ڌرين پاران مسلسل احتجاج ڪرڻ تي ڀٽ شاهه يوٿ جا نوجوان ميدان تي نڪري آيا ۽ ڀٽ شاهه صوفي يونيورسٽي ۽ وي سي پروين منشي جي حمايت ۾ ميدان تي نڪري آيا ۽ سوين نوجوانن الله والا چوڪ کان زوهيب ڪاڪا ، اسرار جوڻو ،سيد فرحاد عباس شاهه، دوست علي ملوکاڻي ،آغا فرحان ، ظهير شاهه ، انجنيئر روشن علي راهو ، سجاد علي شيدي ، محرم خاصخيلي ، نويد رنگ ، اعظم چوهاڻ ، گاگن داس ، فقير اسماعيل جت ،شريف سيٺار، نواب ڪاڪا ، عارب ڪاڪا ، خالد ڪاڪا ،ذوالقرنين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ۽ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي حاضري ڀري دعا گهري ، ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڀٽ شاهه يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن  روشن راهو ، زوهيب ڪاڪا، آغا فرحان ، اسرار جوڻو ، اسماعيل فقير ، محرم خاصخيلي ۽ ٻين چيو تـ ڪجهه سازشي عنصر بلاجواز ڀٽ شاهه صوفي ازم يونيورسٽي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ، هنن چيو تـ جڏهن کان يونيورسٽي ۾ وي سي پروين منشي جي مقرري ٿي آهي تڏهن کان هڪ سازشي ٽولو پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج جو سلسلو هلائي رهيا آهن جن جو مقصد ڀٽ شاهه جي صوفي يونيورسٽي کي بدنام ڪرڻ ۽ ٻي هنڌ منتقل ڪرائڻ جو ڪوشش آهي مگر هاڻي ڀٽ شاهه جا نوجوان سجاڳ ٿي چڪا آهن ڪنهن کي بـ ڀٽ شاهه جي معامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي اجازت نـ ڏينداسين ،هنن چيو تـ بلاجواز وي سي پروين منشي تي الزام لڳايا پيا وڃن ، هنن چيو تـ ڀٽ شاهه جي صوفي يونيورسٽي سميت نئين مقرر ڪيل وي سي پروين منشي خلاف هاڻي ڪنهن بـ قسم جي سازش کي برداشت نـ ڪيو ويندو ، هنن چيو تـ اسان جي ريلي جو مقصد يونيورسٽي جي تحفظ ۽ وي سي جي مقرري جي حمايت ڪرڻ آهي ، ريلي ۾ ڀٽ شاهه سان تعلق رکندڙ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ، شهرين توڙي ساڃاهه وند ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،

إرسال تعليق

 
Top