GuidePedia

0
Sindh Police News Online Sindhi News
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 04 جون 2016
هالاشهرمان ٽن ڏينهن ۾ ٽي موٽرسائيڪلون گم،هالا پوليس پاران ڏوهارين خلاف آپريشن.هالاسميت ضلعي ڀر جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران شراب جي بٺين تي چڙهائي،سوين ليٽرڪچوشراب برآمد،سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار سميت 12 جوابدار گرفتار۽چالان.موٽرسائيڪلن جي چورين ۾ ملوث جوابدارن ۽ انهن جي پاٿاريدارن کي جلد عوام آڏوبينقاب ڪيو ويندو.ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙو.

خبر موجب ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان جي چارج سنڀال بعد هالاشهر سميت ضلعي ڀر ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول هجڻ جي ڪافي عرصي بعد هالا شهر ۾ ڏوهارين پنهنجون وارداتون ڪرڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽن ڏينهن اندر ڏوهارين شهر جي مختلف علائقن ۾ وارداتون ڪندي هالا جي صحافي عبدالرزاق ميمڻ،۽ پي ايم اي هالا جي جنرل سيڪريٽري ۽ مير شريف ڊيڪوريشن جي مالڪ ڊاڪٽر شريف ميمڻ جي سوئٽ جي گهرٻاهران بيٺل موٽر سائيڪلون ڪاهي ويا.جنهن تي ايس ايس پي متياري ملڪ ظفراقبال اعوان پاران ايس ايڇ او هالا کي ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي جي هدايت ڪندي شهرين جون گم ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ورائڻ ۽ اصل جوابدارن جي فوري گرفتاري جي مليل هدايتن بعد هالا ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙي پنهنجي جوانن سان گڏ هالا لڳ ڳوٺ پيرن جون لانڌيون سميت مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪندي مختلف ڪيسن ۾گهربل ڏوهاري نديم ماڇي کي گرفتارڪرڻ سميت مختلف علائقن ۾هلندڙ ڪچي شراب جي بٺين تي چڙهائي ڪندي اتان سوين ليٽر ڪچو شراب سميت انجي استعمال ۾ ايندڙسامان پڻ وڏي انگ برآمد ڪري ورتوجڏهن ته پوليس جي ڪاروائي دوران گهرن ۾ موجود شراب وڪروڪندڙجوابدارغريبوماڇي ۽سندس ڀائر فرارٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جڏهن ته ٻئي طرف ڀٽ شاهه پوليس ڪاروائي ڪندي علي رضا۽ ارشد راجپوت کي گرفتارڪندي وٽانئن 12 بوتلون شراب جون برآمد ڪندي مٿن ڀٽ شاهه ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي کين لاڪپ ڪري ڇڏيو.ان کان علاوه مٽياري پوليس مين پڙي ۽ گٽڪو وڪرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آفتاب ميمڻ ۽ سڪندرعلي چنڊ کي گرفتار ڪندي مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪندي کين چالان ڪري ڇڏيو.جڏهن ته ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙي چيو ته هالا شهر ۾ امن وامان جي صورتحال کي ڪنهن به صورت ۾ بگڙجڻ نه ڏنو ويندو البته موٽر سائيڪل چوري وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت م نه بخشيو ويندو۽ تمام جلد انهن جوابدارن ۽ انهن جي مددگارن کي پڪڙي انهن وٽان چوري ڪيل موٽر سائيڪلون برامد ڪري انهن کي عوام آڏوبينقاب ڪيو ويندو،هن چيو ته هالا جي عوام کي تحفظ ڏيڻ سندن فرض ۾ شامل آهي ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت هرگز نه ڏني ويندي. 

إرسال تعليق

 
Top