GuidePedia

0
Hala=Hala Shaher K Mukhtilif Ilaiqon M Raston K Murmat Ka  Kam Start.

هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ)   12جون 2016
صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان هالا ۾ مصروف ڏينهن گذاريومخد وم هائوس هالا ۾ مخدوم جميل الزمان ساڻس ملاقات لاءَ آيل تڪ جي ماڻهن،پ پ جي عهديدارن،ورڪرن،سروري مريدن،اعلي ڪامورن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته مخدوم جميل الزمان شام جو درگاهه سرورنوح تي حاضري ڀري ۽ خصوصي دعائون پڻ گهريون هالا شهر ۾صوبائي وزيرمخدوم جميل الزمان ۽ ميبرقومي اسيمبلي مٽياري مخدوم سعيدالزمان جي مسلسل جدوجهد سبب هالا شهر جي مختلف روڊن،رستن،گهٽين ۾ ترقياتي ڪمن جو آغاز ڪيو ويوآهي ان سلسلي ۾ شهر جي اهم روڊن جن ۾ مخدوم هائوس،العباس هائوس،ٿلهو روڊ،مرزا محلو،مهاجر چوڪ،مارڪيٽ چوڪ،سميت مختلف علائقن جي رستن جي نئين سرتعمير لاءَ شهر ڀر جي مختلف علائقن ۾ پٿر،بجري،واري سميت بلاڪ لاهي انهن علائقن جي روڊن جو ڪم شروع ڪيو ويوآهي جڏهن ته مخدوم هائوس جي گيٽ کان روڊ تائين جي 250 فوٽ روڊ تي ڏينهن رات ڪم ڪندي ان تي پٿرجا خوبصورت بلاڪن سان انجي تعميرجو تيزي سان ڪيو پيووڃي شهر ڀر جي مختلف علائقن جي اجڙيل رستن جي مرمت واري قدم تي شهرين پاران واکاڻيندي ان عمل کي مخصوص ۽ من پسند ماڻهن جي فرمائش کان آجو رکندي هالا شهرجي داخلي ۽ انجي ڀرپاسي کي لڳندڙ اهم ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستن جن ۾ هالا ٿاڻي کان سانڌاڻ،ڀيل موري کان کنڊو،جت ناڪي کان اڇي مسجد،هالا پراڻا کان خانوٺ،هالا ڊرينج کان سائين جا نار،هالا ڀٽ شاه لنڪ روڊ،اسڪارپ کان ڀاڻوٺ روڊن جي پڻ فوري مرمت جو مطالبو ڪندي انهن کي فوري ٺهرائي انهن علائقن جي عوام کي اچ وڃ جي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ جو مطالبو ڪيوآهي

إرسال تعليق

 
Top