هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ) 12جون 2016
سي آءَ اي پوليس مٽياري پاران
هالا جي مارڪيٽ چوڪ ۾ مين پڙي وڪرو ڪندڙ واپاري جي ڪيبن تي چڙهائي ڪندي اتان رجني
مين پڙي جا چار وڏا ڪارٽون برآمد ڪندي دڪان مالڪ طارق ميمڻ کي گرفتار ڪندي هٿ ڪيل
سوپارين جا بنڊل ۽ جوابدار کي هالا پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيوهالاپوليس گرفتار جوابدارتي 24 ڪلاڪن بعدمين پڙي
وڪروجوڪيس داخل ڪري ڇڏيو،جڏهن ته ان سلسلي ۾ هالا ٿاڻي تي موجود گرفتار جوابدار جي
ڀاءُ سهيل۽امتياز ميمڻ ٿاڻي تي موجود پوليس اهلڪارن ۽ صحافين آڏو دانهون ڪندي هن
چيو ته هنن وٽان ڪابه غيرقانوني سوپاري وغيره ناهي نڪتي البته ٻه ڏينهن اڳ سي آءَ
اي پوليس هالا سان تعلق رکندڙ پوليس اهلڪار عمران ارباب کانئس ايڊوانس عيد خرچي جا
5 هزار روپيه گهريا جنهن جي انڪار تي مذڪوره عملدار پاران کيس خراب نتيجا ڀوڳڻ جي
ڌمڪي ڏني ۽ انهي سلسلي ۾ مذڪوره عملدار پنجن پوليس موبائيلن سان ڀريل پوليس جي وڏي
نفري سان سندس دڪان تي چڙهائي ڪندي سندس دڪان مان قانوني طورهلندڙ رجني سوپاري جا
چارڪارٽون پاڻ سان کڻندي کيس هالا ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي،هن چيو ته مذڪوره
اهلڪار جي ذيادتين خلاف هو اڄ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان سان ملاقات
ڪري کيس اصل حقيقت بيان ڪندي مذڪوره اهلڪار جي ذيادتين جا بيان رڪارڊ ڪرائيندا۽ ان
کانسواءَ هو انصاف لاءَ عدالت سڳوري جو درپڻ کڙڪائيندا.
إرسال تعليق