GuidePedia

0
hala=AC Hala & Sahafi A,Ghafoor Memon Khilarion Ko Sheelds  Dety.

هالا(اسپورٽس نيوز رپورٽ عبدالغفور ميمڻ) 12  جون 2016
جيمخانه ڪلب هالا۾ نائييٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شائقينن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت،مخدوم محبوب الزمان،راجپوت فرينڊس،زواراليون،واپڊا اليون،شهنشاهه اسپورٽس ۽نظاماڻي العباس ٽيمن فتح ماڻي،شائقينن پاران بهترين راند کيڏيندڙتي نوٽن جي گهور،اي سي هالا،صحافين۽ معززين ڪامياب ٽيمن ۾ شيلڊون تقسيم ڪيون.راند فجراذان تائين جاري.

خبرموجب اسسٽنٽ ڪمشنرهالا محمداڪرام ملڪ جي پاران ۽هالا جي سينيئر صحافي عبدالغفورميمڻ(اداڀائو) جي تعاون سان جيمخانه ڪلب هالا جي وسيع گرائونڊ تي هالا ڪپ ون جي نالي سان منعقد ڪيل نائييٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ ضلعي ڀرجي نامورڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ هلندڙ مقابلن جو سلسلو جاري ان سلسلي ۾ هلندڙ رائونڊن ۾ مدمقابل ٽيمن ۾ انتهائي بهترين ڪانٽي جا مقابلا کيڏيا ويا ۽ انهن مقابلن ۾ هالا جي بهترين ٽيم مخدوم محبوب الزمان،راجپوت فرينڊس،زواراليون،واپڊا اليون،شهنشاهه اسپورٽس ۽ نطاماڻي العباس ٽيمن پنهنجي مدمقابل ٽيمن دم مست قلندر،رائل چيئلنجربنگلوز،الحسيني،قريشي اليون،گرين اسٽارفائيٽر۽سنڌمهراڻ ٽيمن کي شڪست ڏيندي سوڀ ماڻي.انهن مقابلن دوران گرائونڊ ۾ موجود سوين ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ شهرين بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن پاران ڇڪا،چونڪا،ڪئچون ۽وڪيٽون هڻندڙ رانديگرن تي نوٽن جي گهورڪندي آڌي رات رانديگرن تي نوٽن جي گهورڪندارهيا.۽ دهلن ۽ تاڙين سان رانديگرن کي داد ڏيندا رهيا،جڏهن ته ان موقعي تي هالا جي نامور واپاري شمس الدين ميمڻ،رئيس مٺل ڏاهري ۽ ٻين معززين رانديگرن ۾ هڪ هزارکان ڏهه هزار روپيه ڪيش انعام پن ڏيندا رهيا،جڏهن ته ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ،هالاجي سينيئرصحافي عبدالغفور(اداڀائو)ميمڻ،ٽورنامينٽ ڪميٽي ميمبرريحان ابڙو،شهزاد سمون ۽ ٻين ڪامياب ٽيمن جي ڪيپٽنن ۽ مين آف دي مئچ جي رانديگرن جن ۾ ذوهيب چانڊيو،نويدراجپوت،شاهنواز،پپوجان،راجل کي هزارين روپيه ڪيش انعام۽شيلڊون انعام تقسيم ڪيا مذڪوره نائيٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءَ شائقينن جو انگ تراويح نماز جي اّختتام کان فجرنماز تائين هلندي اهي جنهن م ڪرڪيٽ جي شوقينن جو تمام وڏو انگ آخرتائين موجودرهندي نظرايندو رهندو آهي.

إرسال تعليق

 
Top