GuidePedia

0
HALA=DC Matiari Parvez Ahmed Baloch visiting  taluka  hospital halla

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 23 جون 2016

ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ پنهنجي چارج سنڀالڻ بعد تعلقه اسپتال هالا جي پهرين وزٽ ڪرڻ دوران هن اسپتال جي سموري اسٽاف سان ملاقات ڪرڻ بعد هن اسپتال جي سمورن شعبن جو دورو ڪندي اسپتال جي وارڊن ۾ داخل مريضن کان سندن علاج و معالج متعلق ڪانئن پڇاڳاڇا ڪندي کين اسپتال انتظاميه پاران صحيح علاج ۽ وقت سر ماني وغيره ملڻ کان علاوه سندن حقيقي علاج ٿيڻ متعلق پڻ ڄاڻ ورتي ان موقعي تي ڊي سي مٽياري اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ،سميت ميٽرنٽي وارڊ،ٻارن جي وارڊ،اکين جي وارڊن جو پڻ معائنو ڪيو جڏهن ته اسپتال جي احاطي ۾ خراب حالت ۾ بيٺل ايمبولنسز متعلق ايم ايس کان ڄاڻ وٺندي انهن جي تياري لاءَ چيوجڏهن ته اسپتال جي ميڊيڪل دوائن جي ملڻ ۽ انهنجي صحيح استعمال جي سلسلي ۾ دوائن جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو.ان سلسلي ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد ميمڻ ڊي سي مٽياري کي تعلقه اسپتال ۾ ڪافي عرصي کان خالي پيل مختلف بيمارين جي اسپيشلٽ ڊاڪٽر جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءَ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مقرري لاءَ زور ڀريو جنهن تي ڊي سي مٽياري پرويزاحمد بلوچ ايم ايس جي ڪيل مظالبي تي فوري عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

إرسال تعليق

 
Top