GuidePedia

0
Hala Matiari SSP Meida Talk

هالا پوليس جي ڪاروائي هالا شھر مان موٽر سائينڪل چوري ۾ ملوث گروھ چوري ڪيل 5موٽر سائينڪل سميت جوابدارن جي گرفتار ي واري اطلاع تي ايس ايس پي مٽياري ظفر اقبال هالا ٿاڻي تي پهچي ڏوهارين کي گرفتار ۽ موٽر سائينڪل برآمد ڪندڙن ۾ ڏھ ھزار روڪ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان هالا جي شهرين ۾ سرهائي
خبرموجب گذريل ڪجھ عرصي کان هالا شھر جي مختلف علائقن مان هالا جي شھرين جون موٽرسائينڪل چوري ٿيڻ سبب جتي شھرين سخت مايوسي ۾ مبتلا ٿيل هئا ته ساڳئي وقت مٽياري ضلع جي نئين ايس ايس پي لاء موٽر سائيڪل چوري وارو واقعو چئلينج بنجي ويو جنهنڪري ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال جي خصوصي هدايتن کان پوء ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ چوري ٿيل موٽر سائينڪلون توڙي جوابدارن جي گرفتاري لاء خصوصي ٽيم تشڪيل ڏني وئي جنهن جي گذريل ڏينهن جي ڏينهن رات محنت کانپوء گذريل رات دير سان هالا پوليس هالا شھر مان موٽر سائينڪل چوري ڪرڻ واري گروھ مک جوابدار مجاهد ڏاهري کي گرفتار ڪري ورتو جاچ دوران گرفتار جوابدار مجاهد ڏاهري هالا پوليس آڏو ھالا شھر مان موٽر سائينڪل چوري بابت اهم انڪشاف ڪندي ڏوھ جو اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته سندس گروھ ۾ وڌيڪ هالا واسي 3ڄڻا هرهڪ عبدالله ساند ارسلان ميمڻ ۽ ببلو بلوچ ملوث آهن اسين گڏجي هالا مان موٽر سائينڪل چوري ڪري گاڏين کي هڪ مخصوص جڳھ تي گڏ ڪندا هئا سين جتي گاڏين جا پرزا الڳ الڳ ڪري وڪري توڙي موٽر سائينڪل فروخت ڪنداهئا سين هالا پوليس گرفتار جوابدارمجاهد ڏاهري جي نشاندهي تي چوري ڪيل 5موٽر سائينڪلون ۽ وڌيڪ هڪ جوابدار عبدالله ساند کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته به جوابدار ببلو بلوچ ۽ ارسلان ميمڻ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هالا پوليس گرفتار جوابدارن خلاف هالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي ھو ڏانهن هالا پوليس جي ڪاروائي واري اطلاع تي رات دير سان ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال هالا ٿاڻي تي پهچي پاڻمرادو جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري هالا ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو ۽سندس ٽيم لاء ڏھ ھزار نقعدانعام توڙي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال ٻڌايو ته ڏوهارين جي گرفتاري هالا پوليس جو بهتر ڪارنامو آهي سموري آپريشن ۾ حصو وٽندڙ ٽيم جا جوان مبارڪباد جا مستحق آهن مٽياري ضلع مان ڏوهن توڙي سماجي براين جو خاتمومنهنجي ۽ منهنجي ٽيم جي اولين ذميواري آهي مٽياري ضلع جا رهواسي پوليس سان تعاون ڪن ته جيئن پوليس کي وڌيڪ ڪاميابون مل

إرسال تعليق

 
Top