GuidePedia

0
Hala=Amam Ali K Shahadat K Silsy M Nikaly Gaye Matami  Julos

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 26 جون2016
مولاءَڪائنائت حضرت امام علي عليه السلام جن جي شهادت جي موقعي تي هالا سميت ضلعي ڀر ۾ ماتمي جلوس،مجلس عزائن جو فرش وڇايو ويوآهي ۽ ضلعي ڀر جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ عزاداري برپا ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ هالا شهر ۾ مين مرڪزي شيعه ،سيد سومار شاهه،غازي العباس علمدارامام بارگاههن هالا ۾ تي روزه مجلس عزا جواهتمام ڪيو ويو،جڏهن ته هر سال جيان هن سال به هالا شهر جي مختلف امام بارگاهن جن ۾ انجمن الفقره،انجمن غريب الغربا،سيد سومارشاهه،بصرشورائي،سيدعلي محمد شاهه،سولنگي۽ چوڙيگر امام بارگاهن تان الڳ الڳ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا.جڏهن ته هالا پارٽي پاران ڪربلا معلي هالا فجر نماز بعد ماتم زنجيرزني پڻ ڪئي ويئي.انهن ماتمي جلوسن جي اڳواڻي مخدوم غلام محي الدين،مخدوم سهيل الزمان،مخدوم عمارحيدر،زوار فقيرحسين علي جعفري،سيد مختيارحسين شاهه،سيد بابوشاهه،زوارحسين بخش پٺاڻ،زوار محمد اسماعيل ڀوڳڙي ميمڻ،گل محمد پنهور،زوار دلبر شورو،فقير رمضان ملاح،ّخادم حسين صبح پوٽو،زوار خادم حسين ارباب،اشفاق حسين ارباب،دلبر حسين ارباب سميت ٻين امام بارگاهن جا متولي ڪري رهيا هئا.جڏهن ته حضرت امام علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ هالا سميت ضلعي ڀر ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلس عزا وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جي ضلعي پوليس انتظاميه سخت قدم ڪڻندي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان هالا سميت ضلعي ڀر ۾ هڪ هزار پوليس جوانن سميت هڪ سو ڪمانڊو جوانن سميت 20 کان وڏيڪ پوليس آفيسرن جي ڊيوٽي لڳائيندي سيڪيورٽي جي مانيٽرنگ پاڻ ڪري رهيوآهي.                                                                

إرسال تعليق

 
Top