GuidePedia

0
سيوهڻ شريف روڊ حادثي ۾ فوتين کي وارث شناخت ڪندي

سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوھڻ ڀرسان آمري پل انڊس ھاءِ وي روڊ تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوچ اوورٽيڪ دوران عادل شاھ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي: نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿڏي تي ئي فوت، 40 کان وڌيڪ زخمي: فوتين جا لاش وارثن جي نه پھچڻ ڪري امانت طور تي تعلقه اسپتال سيوهڻ ۾ رکيا ويا: حادثي جي زخمين مان ٻه ڄڻا وڌيڪ ڄامشوري استپال ۾ فوت ٿي ويا: آمري ڀرسان قاضي احمد واري پل ڪراس ڪندڙن لاءِ موت جو سبب بڻجي ويئي: ڏيڍ مهيني اندر ساڳئي روڊ تي فوتين جو انگ 60 کان وڌي ويو: سياسي سماجي تنظيمن پاران حادثن جا ذميوار صحت کاتي ضلع ۽ اين ايڇ اي انتظاميه کي قرار ڏئي ڇڏيو: ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ نه ٺاھڻ ۽ ھيوي گاڏين تي پابندي نه مڙهڻ خلاف سماجي ڪارڪنن پاران احتجاج جو سڏ:
تفصيل موجب ضلعي ڄامشوري کان سيوھڻ ايندڙ روڊ ڪراس ڪندڙ مسافرن جي لاءِ وبال جان بنجي ويو آهي هر وقت حادثن جا رونما ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويا گذريل رات دير سان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ عادل شاھ تيزرفتاري دوران گاڏين کي اوورٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن دوران سوارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، گاڏي ڪلٽيون کائيندي وڻن جي وچ ۾ ڪري پئي جنهن جو اطلاع ملڻ تي سيوهڻ مان ايڌي سينٽر ۽ تعلقه اسپتال مان چار ايمبولنسون روانيون ٿيون. فوري طور ڄامشورو کان امدادي ٽيمون زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ روانيون ٿيون، حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمين کي ٻاهر ڪڍي آمري، سن، مانجهند ۽ ڄامشورو اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ان دوران ذريعن مان معلوم ٿيو ته سن شهر ۾ بجلي نه هجڻ ڪري سن اسپتال ۾ موجود عملو زخمين کي طبي امداد ڏيئڻ بدران زخمين جا کيسا جانچي زخمين جي کيسن مان قيمتي سامان ۽ پئسا ٻهاريندا رهيا پر ڪير به انهن کي چوڻ وارو نه هو. هوڏانهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ 13 کان وڌيڪ مريضن کي ڄامشورو روانو ڪيو ويو جتي ٻن ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. جن سميت حادثي جو شڪار ٿيندڙ فوتين جو تعداد 7 ٿي ويو آھي سيوهڻ اسپتال ۾ پيل پنجن فوتين ۾ ضلع ليه جو رهائشي الله ڏتو، باقي چار ڄڻا  مظفرگڙه جا محمد شهزاد، انسر ۽ محبوب شامل آهن. سيوھڻ جي تعلقه اسپتال ۾ رکيل پنج ئي لاش وارث ڪالهه منجهند تائين پنجاب ڏانهن کڻي روانا ٿي ويا. ياد رهي ته گذريل ڏيڍ مهيني اندر ساڳئي روڊ تي مختلف خاندان جي ڀاتين سميت فوتين جو انگ 60 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي پر ضلع انتظاميه اک نه پٽي آهي. اهڙي عمل خلاف سيوهڻ شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ بشير احمد اوٺو، عارف ميمڻ، لالارستم ڀٽ، مريد خان بروهي، آزاد منصور چنه، درياءُ خان لغاري ۽ ٻين ههڙن اُڀَ ڏاريندڙ حادثن جا ذميوار ضلعي ڄامشورو انتظاميه، هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ اين ايڇ اي ڊپارٽمينٽ کي قرار ڏيندي لاڳاپيل ڌرين خلاف اڄ صبح 11 بجي شٽر بند هڙتال ڪري پرامن احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. هنن مطالبو اهو رکيو آهي ته سنڌ حڪومت ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ ٺهرائي ۽ ھيوي گاڏين جي ٽرانسپورٽ تي فوري طور پابندي لڳائي قاضي احمد پل جيڪا ضلع ڄامشورو ۽ نوابشاهه کي ڳنڍي ٿي ان تان وڏين گاڏين کي روڪيو وڃي

إرسال تعليق

 
Top