GuidePedia

0

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 10 جون 2016

ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جو چيئرمن اسانجو ٿيندوٽي سي جي 12 ميمبرن مان 8 ميمبرسندن آهن جڏهن ته پ پ جا 3 ۽ مسلم ليگ ن جو 1 ميبر ڪامياب ٿيو اهي،اهڙن خيالن جو اظهار گرينڊ ڊيموڪريٽس الائنس جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم فضل آن لائين سنڌي نيوزسان خصوصي طورڳالهائيندي هن ٻڌايو ته مڪاني چونڊن جي اليڪشن ۾ ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه تي سندس سرسي حاصل آهي ڇاڪاڻ ته ٽي سي ڀيٽ شاهه جي جملي 12 سيٽن مان 8 ميبر سندن نامزد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جڏهن ته باقي چئن تي سندن مخالف جن ۾ پ پ جا 3 ۽ مسلم ليگ ن جو 1 اميدوار ڪامياب قرارڏنو ويو آهي هن چيو ته ٽي سي ڀٽ شاهه جي 5 مخصوص سيٽن.تي به سندن 4 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن مخدوم فضل چيوته ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جو چيئرمن سندن نامزد سيد شمن شاهه ئي چيئرمن ٿيندو هن چيو ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب ثيل اميدوار 4 جولائي تي پنهنجي ڪاميابي جو حلف کڻندا۽ انشا4 الله تمام جلد سيد شمن شاهه ڀٽ شاهه ٽائون جي چيئرمن شپ سنڀالي ڀٽ شاهه شهر کي سونهن بخشيندو.۽لطيف سرڪار جي نگري جي عوام جي خدمت ڪندي هتانجي عوام جا مسئلا حل ڪندي ڀٽ شاهه کي ضلعي مٽياري جي بهترين ٽي سي بڻائيندا.

إرسال تعليق

 
Top