GuidePedia

0
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 10 جون 2016
Hala=makhdom Jamil Zamanموسميات کاتي پاران سنڌ ۾ تيز طوفان۽تيزهوائن سان برسات جي پوڻ تي عوام کي هاءَ الرٽ رهڻ جي هدايتن بعد صوبائي وزيرروينيو مخدوم جميل الزمان پنهنجو هڪ بيان جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي سخت هدايتون ڏيندي چيوآهي ته ضلعي مٽياري جي سمورين ٽائون ڪميٽين ۽ ميونسيپل ڪميٽين جي ڊرينج سسٽم کي صحيح ڪرڻ،گٽرن جي نالن جي صفائي، سميت ايريگيشن کاتي جي ملازمن کي تيار رهڻ جو حڪم نامون جاري ڪندي انهن کاتن جي فوري رپورٽ پڻطلب ڪري ورتي آهي.ان سلسلي ۾ مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته عوام جي جان ومال جي حفاظت ڪرڻ ۽کين تحفظ فراهم ڪرڻ جي عمل کي يقيني بنائڻ لاءَ ضلعي انتظاميه کي ان کان بچاءَ لاءَ فوري قدم کڻڻ لاءَ چيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو پاڻ ضلعي ڀر جي سمورن ٽائونن ۽ ميونسيپل ڪميٽين جي شهرن ۽ ڳوٺن جودورو ڪندي ايندڙتيز هوائن ۽تيز بارشن کان بچاءَ لاء ورتل ضلعي انتظاميه جي قدمن جي پاڻ جانچ ڪرڻ لاءَ ان حفاظتي ڪمن جو جائزو وٺندو.۽ ضلعي ڀرجو دورو پڻ ڪندو

إرسال تعليق

 
Top