GuidePedia

0
Hala=HALA CUP 1 M AC Hala M,Akram malak,Sahafi  A,ghafoor9Ada Bhaoo)Memon Mach dekht & khilarion Ko sheeld Dety.

هالا(رپورٽ عبدالغفور ميمڻ
هالاڪپ ون جي نالي سان نائيٽ ٽورنامينٽ جو آغاز،اسسٽنٽ ڪمشنرهالا۽سينيئرصحافي پاران ٽورنامينٽ جو افتتاح،ضلعي جي 24 ٽيمن پاران ٽورنامينٽ ۾ شرڪت،پهرين ڏهاڙي تي کيڏيل ٻن رائونڊن ۾ الجهانيان ۽المرتضي جي ٽيمن ڪاميابي ماڻي،راشدلاکو۽سهيل کي مين آف دي مئچ جون ٽرافيون ڏنيون،هالا نائيٽ ٽورنامينٽ جيمخانه گرائونڊ تي 15 ڏينهن کيڏي ويندي،ڪرڪيٽ شائقينن پاران ٽورنامينٽ جي انعقادتي اي سي هالا،سينيئرصحافي۽ٽورنامينٽ ڪميٽي جي ميمبرن جي ڪاوشن تي شهرين پاران مبارڪباد
تفصيلي رپورٽ موجب هرسال جيان هن سال به رمضان شريف جي موقعي هالا جي ڪرڪيٽ جي نوجوان شائقينن ۽شهرين کي روزي افطار۽ تراويح بعد تفريح مهيا ڪرڻ جي سلسلي م هن دفعي هالا شهرسان تعلق رکندڙ نوجوانن جن ۾ هرهڪ راحيل ابڙو،شان بچو،بهزادسمون،ممتازميمڻ،بچايو،رميم ابڙوجي پاران اسسٽنٽ ڪمشنرهالامحمداڪرم ملڪ جي ڪاوشن۽هالاجي سينيئرصحافي آن لائين سنڌي جي رپورٽر عبدالغفور(اداڀائو)ميمڻ جي تعاون سان هالا جي نئين تعمير ڪرايل جيمخانه جي وسيع گرائونڊتي(هالاڪپ ون نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ) جوپهرين روزي کان باقاعده آغازڪيو ويومذڪوره ٽورنامينٽ ۾ ضلعي جي 24 نامور ڪرڪيٽ ٽيمن جي رانديگرن ۾ بهترين مقابلا کيڏيا ويندا.مذڪوره هالا ڪپ جي نالي سان منعقد ڪيل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرم ملڪ بيٽنگ ۽ هالا جي صحافي ۽ سماجي ورڪر اداڀائو ميمڻ بالنگ ڪندي مذڪوره ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو،پهرين ڏهاڙي تي کيڏجندڙ ٻن رائونڊن ۾ چئن ٽيمن جن۾ الجهانيان ۽ آصف فرينڊ ۾ المرتضي ۽ الحيدري ٽيمن ۾مقابلا کيڏيا ويا.جڏهن ته پهرين ڏهاڙي تي ٿيندڙ مقابلن ۾ الجهانيان ۽المرتضي ڪرڪيٽ ٽيمون فاتح ٿيون جڏهن ته مذڪوره مقابلن ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي راشدلاکو۽محمد سهيل کي مين آف دي مئچ قرارڏيڻ تي ٽورنامينٽ ڪميٽي پاران انهن رانديگرن کي اي سي هالا محمد اڪرم ملڪ هٿان شيلڊون ڏنيون ويون.نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعقاد تي هالا شهر سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽ جي نوجوان شائقينن ۽ شهرين ٽورنامينٽ ڪميٽي جي ميمبرن سميت انهن سان ٻانهن ٻيلي بڻيل اسسٽنٽ ڪمشنرهالامحمد اڪرم ملڪ ۽ سينيئرصحافي عبدالغفور(اداڀائو)ميمڻ جي ورتل ڪاوشن تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. .  

إرسال تعليق

 
Top