GuidePedia

0
Hala=SSP Matiari Malak Zafer Iqubal Shaheed Poliece  Jawanon K  Bewahon Ko Check Dety.

  هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 27 جون2016

ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان ضلعي مٽياري سان تعلق رکندڙ ڊيوٽي دوران شهيد ٿيل پوليس جوانن جي بيواهن ۾ ٽن لکن روپين جي مالي مدد جا چيڪ ڏنا ان سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس مٽياري ۾ ملڪ ظفراقبال اعوان پوليس ڊيوٽي دوران پنهنجا فرض ادا ڪندي شهيد يا فوت ٿي ويل پوليس جوانن جي ٻارن جي مالي سهتا لاءَ انهن ۾ عيد جي خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءَ شهيد جوانن جي وارث انهن جي بيواهن ۾ تن تن لکن جا چيڪ پنهنجي هٿن سان ڏيندي شهيد اهلڪارن جي لاءَ خصوصي دعا پڻ گهري.ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفراقبال اعوان مقامي صهافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس پاران ڊيوٽي دوران شهيد ٿيندڙ جوانن جي اولاد ۽ انجي گهروارين جي مالي مدد ڪرڻ لاءَ رکيل فندن مان اها رقم انهن کي ڏني پئي وجي ان ۾ هو ڪنهن تي ڪو به ٿورو نه پيو ڪري هن چيو ته ڊيوتي دوران شهيد ٿيندڙ پوليس جوانن جي مالي سهتا ۾ سنڌ پوليس پاران 30 لکن جي اضافي رقم ڏيڻ تي پوليس جي جوانن جا حوصلا بلند ٿيا آهن ۽ انهن پاران پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ ڪري رهيا آهن .                                                                                      

إرسال تعليق

 
Top