GuidePedia

0
سيوهڻ شريف ۾ انتظاميه پاران روڊ حادثن تي ڪنٽرول نه ڪرائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

سيوهڻ شريف رپورٽ: قربان علي ڀٽي
سيوهڻ کان ڄامشوري تائين روڊ کي ڊبل نه ڪرڻ ۽ آمري پل تان وڏين گاڏين جي آمدرفت بند نه ڪرڻ خلاف شهرين جو انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو: ڌرڻون، ضلع انتظاميه انساني جانين جي قيمت کان محروم: ڏيڍ مهيني اندر ساڳئي روڊ تي حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 60 کان وڌي ويو: سياسي سماجي تنظيمن پاران حادثن جا ذميوار صحت کاتي ضلع ۽ اين ايڇ اي ڊپارٽمينٽ ۽ ضلع انتظاميه کي قرار ڏئي ڇڏيو: سنڌ حڪومت کان انساني جانيون  کسيندڙ آمري پل تان وڏين گاڏين روڪڻ ۽ ڊبل روڊ ڪرائڻ جو مطالبو:

تفصيل موجب ضلعي ڄامشوري کان سيوھڻ ايندڙ روڊ سفر ڪندڙ مسافرن جي لاءِ جان جو دشمن بنجي ويو آهي هر وقت آمري، مانجهند ۽ سن وٽ انڊس هاءِ وي تي هيانءُ ڏاريندڙ حادثا رونما ٿي رهيا آهن جنهن ضلع اندر رهواسين ۾ بي چيني ۽ خوف واري ماحول کي جنم ڏنو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪالهه تعلقه سيوهڻ جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين روشن ٻرڙو، درياءَ خان لغاري، ايڊووڪيٽ بشير احمد اوٺو، عارف حسين ميمڻ، مريد خان بروهي، آزاد غفور نوحاڻي، آزاد منصور چنه، صاحب خان نوحاڻي، لالا رستم خان ڀٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين ڌمال چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ننڊ پيل ضلع انتظاميه کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. مظاهرين دانهيندي چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني اندر ساڳئي روڊ تي مختلف خاندان جي ڀاتين سميت روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جو تعداد 60 کان مٿي ٿي ويو آهي جنهن ۾ اڪثر عورتون، ٻارڙا ۽ پيرسن اجل جو شڪار ٿي فوت ٿي پنهنجي پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا آهن پر سنڌ توڙي وفاق حڪومت انساني جانيون کسيندڙ آمري- قاضي احمد پل تان وڏين گاڏين جي ڪراسنگ روڪڻ جو ڪوبه حڪم جاري ناهي ڪيو ويو ۽ سيوهڻ کان ڄامشوري تائين روڊ کي ڊبل روڊ ڪرڻ جا ذميوار اين ايڇ اي ڊپارٽمينٽ سيوهڻ ۽ ڄامشورو وارن پنهنجي مستين ۾ پورا آهن جن کي انساني جانين جو ڪو به قدر ناهي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي کاتي جي صوبائي وزير سميت واسطيدار اختيارين کان انساني جانيون کسيندڙ آمري پل تان وڏين ۽ ھيوي گاڏين تي جلد کان جلد پابندي لڳائي وڃي ۽ سيوهڻ کان ڄامشوري تائين روڊ کي ڊبل ڪري ٺهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته گرميءَ جي سٽ نه سهندي ٻه ڄڻا احتجاجي مظاهري دوران بيهوش ٿي ڪري پيا جن کي تعلقه اسپتال سيوهڻ ۾ داخل ڪيو ويو.

إرسال تعليق

 
Top