GuidePedia

0
سيوهڻ شريف ۾ ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
سيوھڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ شريف ۾ ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج: سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ شيخ عبدالڪريم ديهه باغ يوسف تي بااثرن جو قبضو آهي: مظاهرين: ضلعي جي سمورن آفيسرن ڏانهن وياسين پر ڪجهه نه ٿيو ڪورٽ سڳوري جي نوٽيسن تي ٻوٽو نه ٻريو: سنڌ سرڪار کان ڳوٺ تان قبضو ختم ڪرائي ڏيڻ جي اپيل:

خبر موجب سيوهڻ شريف ۾ ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران غلام حيدر سولنگي، بخشل سولنگي، سجاد سولنگي، دلاور سولنگي، محمد وريل سولنگي ۽ ٻين جي ڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻون هنيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ شيخ عبدالڪريم ديهه باغ يوسف تعلقه سيوهڻ تي بااثرن جو قبضو آهي. ضلعي جي سمورن آفيسرن ڏانهن وياسين پر ڪجهه نه ٿيو ڪورٽ سڳوري ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي پر ڪورٽ جي نوٽيسن تي ٻوٽو نه ٻريو، اسان سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي گورنر، وزيراعظم پاڪستان سميت راحيل شريف کي اپيل ٿا ڪريون ته ڳوٺ شيخ عبدالڪريم جي رهواسين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

إرسال تعليق

 
Top