GuidePedia

0
hala=A C Hala M,Ikram Malak Fainal m puhchny walee teem k  Khilaree Ko Sheeld Dety,Stage P sahafi a,Ghafoor Memon,Dr Shareef memon &  Others nazer aaty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 19 جون 2016
هالا ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ ۽ سينئر صحافي عبدالغفور ميمڻ پاران جيمخانه ڪلب گرائونڊ ۾ پهرين رمضان کان لڳايل هالا ڪپ ون جي نالي سان لڳايل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اختتام تي پهچڻ واري گذريل رات جو ٻي فائينل سيمي جي ميچ ٿي گذري ان سلسلي ۾ هالا جي المرتضي ۽ قاسم ٻگهيو جي الجهانيان ٽيمن ۾ شاندار مقابلو ٿي گذريوجنهن ۾ ٻنهي ٽيمن پاران فائينل ۾ پهچڻ لاءَ ننهن چوٽي جو زور لڳايو ان سلسلي ۾ هالا جي ٽيم المرتضي ٽاس کٽيندي پهرين بيٽگ ڪندي 8 اوورن ۾ 8 رنديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 35 اسڪور ٺاهيندي سندس مدمقابل ٽيم کي کيڏڻ جو موقعو ڏنوجنهن تي الجهانيان ٽيم جي رانديگرن ميچ جي آغاز ڪرڻ جي پهرين اوور۾ بهترين آغاز ڪرڻ دوران سٺي راندجو مظاهرو ڪيو جنهن بعد المرتضي جي رانديگرن بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ جو شاندار مظاهرو ڪندي 7 اوورن ۾ سمورن رانديگرن کي آئوٽ ڪندي مزڪوره سيمي فائينل کٽيندي فائينل لاءَ ڪوالفائيڊ ڪيو.مذڪوره سيمي فائينل جي مقابلي دوران دهلارين هرٽيم سان ساٿ ڏيندي تماشائين کي نچائيندا رهيا ۽ رانديگرن جي حوصلي افزائي ڪندا رهيا مزڪوره مئچ کي ڏسڻ لاءَ هالا،ڀٽ شاهه،چودگي،قاسم ٻگهيو،ڪرم خان نظاماڻي،جي علائقن سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽ جي شائقينن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي لطف اندوز ٿيا،مذڪوره ميچ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ،پي ايم اي جي  صدر ڊاڪٽر ميرشريف ميمڻ،شمس الدين ميمڻ،صحافي عبدالعفورميمڻ سميت ٻين ڪيترن ئي معززشخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر هالا محمد اڪرام ملڪ مين آف دي مئچ جي شيلڊ المرتصي ٽيم جي رانديگر جڏهن ته هالا جي واپاري سيٺ محمد رحيم سوڌڙو پاران ڪامياب ٽيم المرتضي جي ڪپتان جنيد بلوچ کي 2 هزار روپيه ڪيش رقم انعام طورهالا جي بهترين رانديگر ۽ ڪامينٽر شمس الدين ميمڻ هٿان ڏنا.ويا

إرسال تعليق

 
Top