GuidePedia

0
آمريڪا جو عالمي شهرت ماڻيندڙ باڪسر محمد علي ڪلي مختصر عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ سدائين لاءِ وڇڙي ويو

واشنگٽن:(ان لائين سنڌي نيوز) آمريڪا جو عالمي شهرت ماڻيندڙ باڪسر محمد علي مختصر عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ سدائين لاءِ وڇڙي ويو، آمريڪي ميڊيا مطابق 74 ورهين جو محمد علي علي ڪلي ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪي شهر فونيڪس جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، کيس ساهه جي تڪليف هئي، محمد علي ڪلي آمريڪي رياست ڪنٽڪي جي شهر لوس ويل ۾ 1942ع ۾ هڪ عيسائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ ڪيلسينس مارسيلس ڪلي سينيئر جي نالي تي ڪيلسينس مارسيلس  جونيئر سڏرايو، محمد علي کي ان وقت شهرت ملي، جڏهن هن 1960ع ۾ روم ۾ ٿيل اولمپڪ مقابلن ۾ سوني جو ٻلو کٽيو پر جڏهن هو پنهنجي شهر واپس موٽيو ته کيس ڪاري نسل جو هجڻ ڪري نوڪري نه ملي سگهي، جنهن کان مايوس ٿي هن پنهنجو ٻلو درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، پاڻ سان پيش آيل ان روئي کانپوءِ به باڪسنگ رنگ ۾ سندس ڪاميابين جو سلسلو جاري رهيو، ويٽنام جنگ دوران محمد علي ڪلي آمريڪي فوج ۾ شامل هجڻ جي عهدنامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ان اعزاز کان محروم ڪيو ويو ۽ 5 سال سزا ٻڌائي وئي پر عوامي احرجاج سبب کيس سزا کان آجو ڪيو ويو، 1974ع ۾ محمد علي جارج فورمين کي هارائي هڪ ڀيرو وري پنهنجو وڃايل مقام ۽ شهرت ماڻي، ان وقت سندس عمر رڳو 32 سال هئي ۽ هو عالمي چيمپييئن جو اعزاز ماڻيندڙ ٻيو باڪسر هو، 1975ع ۾ هن اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد علي رکيو، 1978ع ۾ محمد علي کي ان وقت وڌو نقصان رسيو،جڏهن هو پاڻ کان 12 سال گهٽ عمر واري ليون اسپنڪس کان هارائي ويو پر 8 مهينن کانپوءِ محمد علي وري اسپنڪس کي هارائي پنهنجو وڃايل اعزاز ٻيهر حاصل ڪيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن رانديگر ٽيون ڀيرو اهو عالمي اعزاز ماڻيو، ان مهل سندس عمر رڳو 36 سال هئي، 1980ع محمد علي جي صحت بابت خطرا پيدا ٿيڻ کان شروع ٿيا ۽ ڊاڪٽرن کيس ”پارڪنسنس سنڊروم“ جو مرض ٻڌايو، باڪسنگ کان پاسيرو ٿيڻ وقت محمد علي ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ شهرت رکندڙ شخص هو، سڄي دنيا جا مسلمان ۽ ڪاري نسل جا ماڻهو اڄ به محمد علي جو احترام ڪن ٿا، محمد علي پنهنجي 20 سالن جي باڪسنگ ڪيريئر ۾ 56 مقابلا کٽيا ۽ 37 ناڪ آئوٽ اسڪور ڪيا

إرسال تعليق

 
Top