GuidePedia

0
sehwan sharif loadshting news photo

سيوھڻ (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ شريف ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري: سيوهڻ ۽ آسپاس ۾ 24 ڪلاڪن مان 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي بند، باقي وقت به ٽرپنگ جو سلسلو جاري: سيوهڻ انتظاميه غائب، شهري روزيدارن جي سهائتا لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا: مڪراني محلا جو ٽرانسفارمر به هڪ هفتي کان خراب بند پيل: بجلي جي هٿرادو بندش ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو ڌمال چونڪ تي احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو: ايس ڊي او واپڊا سيوهڻ ۽ حيسڪو انتظاميه خلاف سخت نعريبازي:

خبر موجب هونهن ته هر سال رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ سيوهڻ شريف جي بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائي ويندي هئي پر هن سال رمضان جي مهيني ۾ بجلي بند ڪرڻ وارو جن بوتل ۾ اچڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي جنهن ڪري سيوهڻ شهر ۽ آسپاس ۾ 24 ڪلاڪن مان 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪري شهرين ۽ رهواسين کي هٿ تان تنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ه باقي وقت به بجلي جي ٽرپنگ جو سلسلو جاري رهي ٿو جنهن ڪري ڪيترن ئي شهرين جو اليڪٽرڪ مشينون خراب ٿي رهيون آهن. بجلي جي ايتري ڊگھي لوڊشيڊنگ جو ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته سيوهڻ انتظاميه غائب آهي، شهري روزيدارن جي سهائتا لاءِ بجلي جي يقيني فراهمي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. ڊگهي غير اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ هڪ هفتي کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف مڪراني محلا جي سيڪڙو رهواسين ڌمال چونڪ اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڌرڻون هنيو. ۽ ايس ڊي او واپڊا سيوهڻ گل بهار اوڏ سميت حيسڪو انتظاميه جي نااهل عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

إرسال تعليق

 
Top