GuidePedia

0
سيوهڻ شريف ۾ گهريلو معمولي ڳالهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهڳڙو جهڳڙي ۾ پسٽل جا فائر ڇٽڻ جي نتيجي ۾ 28 سالا نوجوان فوت


سيوھڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ شريف ۾ گهريلو معمولي ڳالهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿي پيو: جهڳڙي جي نتيجي ۾ پسٽل جا فائر ڇٽڻ جي نتيجي ۾ 28 سالا نوجوان فوت: وارثن ۾ روڄ راڙو، گهر وارن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا: ٿيٻاٺ پوليس مقتول جي ڀاءُ جوابدار کي رنڱيل هٿي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو: مرحوم جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي:

خبر موجب سيوهڻ شريف ڀرسان لڪي شاهه صدر جي ڳوٺ محمد براهيم لنڊ ۾ گهريلو معمولي ڳالهه تان ٻن ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿي پيو، جهڳڙي جي نتيجي ننڍي ڀاءُ اعجاز لنڊ وٽ موجود  پسٽل مان فائر ڇٽڻ ڪري 28 سالا نوجوان ذوالفقار لنڊ شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي سيوهڻ اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، ٿيٻاٺ پوليس مقتول جي ڀاءُ جوابدار اعجاز لنڊ کي رنڱيل هٿن سان پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. واقعي جي خبر گهر  پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پکڙجي ويو. ايس ايڇ او ٿيٻاٺ سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ جي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار عجاز ۽ مقتول ذوالفقار جو ٻن پينو عورتن سان پڻ ميل جول هوندو هو جن کي پڻ گرفتار ڪيو پر انهن کان پوڇ ڳاڇ ڪرڻ بعد کين آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻنهي ڀائرن جو جهيڙو صبح گهران نڪرڻ بعد شهر اندر هاٿائي وغيره ڪرڻ کان پوءِ پسٽل جو وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي جوابدار گرفتار ٿيل آهي وارثن پاران فرياد داخل ڪرڻ بعد ڪيس فائل ڪيو  ويندو. 

إرسال تعليق

 
Top