GuidePedia

0
Hala-Siener Sahafi A,Ghafoor Memon Mustahiqe Khawatin M  EID Rashan  Taqseem Kerty.

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 03 جولاءَ 2016

هرسال وانگر هن سال به 27 رمضان شريف جي ڀلاري رات تي هالا جي سماجي ورڪر،سينيئرصحافي روزانه سوڀ جي رپورٽرعبد الغفور(اداڀائو) ميمڻ پاران هالا سميت مختلف علائقن جي رهندڙ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ غريب،بي پهچ،مسڪين ۽ بيواهه عورتن ۾( عيد راشن ) تقسيم ڪيو ويو،جڏهن ته ان موقعي تي ڏورانهن علائقن جن ۾ نيو سعيدآباد،هالا پراڻه،اچي مسجد،کنڊو،ڀٽ شاهه ڀاڻوٺ ٻاروڇو باغ سميت ٻين علائقن جي رهندڙ 500 کان مٿي حقيقي مستحق ماڻهنجن ۾ اڪثر بيواهه عورتن ،ضعيف مردن جي وڏي انگ ۾ مذڪوره عيد راشن تقسيم ڪيو ويو،عيد راشن جي تقسيم صبح 7 بجي کان شروع ڪئي ويئي جيڪا اڳين نماز تائين جاري رهي.ان عيد راشن جي تقسيم کان اڳ سينيئرصحافي عبدالغفورميمڻ پاران پنهنجن فوت ٿي ويل سمورن رشتيدارن خصوصن پنهنجي والد عبداللطيف(عدلو) ميمڻ،ناني امان جيجي،مامي محمد بخش ميمڻ،ڀيڻوي عبدالجليل ميمڻ ۽ طاندان جي ٻين وفات ڪيل ماڻهن جي مغفرت لاء دعا گهري ويئي جنهن بعد مذڪوره عيدراشن جي ورهاست جو عمل شروع ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ هالا جي سينيئر صحافي ٻڌايو هن اهو ڪاري خير جو ڪم سال 2010 جي آيل ٻوڏ کان پنجويهن مستحق ماڻهن کان شروع ڪيو ۽ مذڪوره عمل کي انساني همدردي جي بنياد تي جاري رکيو۽ سال به سال ان عمل ۾ مستحق ماڻهن جي واڌ هجڻ ڪري راشن جي تقسيم ۾ پڻ اضافو ڪيو ويوعبدالغفور (اداڀائُو) ٻڌايو ته ان انساني همدري ڪم ۾ وقتن به وقتن هالا شهر سان تعلق رکندڙ مخيرمعززين جن ۾ سندس مامي محمد هارون ميمڻ،انجي پٽ اخترعلي ميمڻ(قطر)،ڪمانڊر ذوالفقاراحمد ميمڻ،هالا جي ايڌي سڏجندڙ پي ايم اي هالا جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالستار مير ميمڻ،ميمڻ اتحاد جي اڳواڻ دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سيٺ قادربخش ميمڻ،مير شريف ڊيڪوريشن جي مالڪ ڊاڪٽر شريف ميمڻ،ميمڻ اتحاد جي اڳواڻ عامربهزاد ميمڻ،مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصيرميمڻ،اسسٽنٽ ڪمشنر هالا آفيس جي هيڊ ڪلارڪ علم الدين ميمڻ،سيٺ عتيق احمد ميمڻ جن سندس ان ڪارخير جي ڪم ۾سندس ڪيش رقم ۽ سامان جي صورت ۾ مدد ڪئي ۽ جنهن جي ڪري 25 ماڻهن کان شروع ڪيل مستحق (عيدراشن تقسيم) جوڪم 500 کان وڌيڪ مسحق ماڻهن ۾ تقسيم ڪيوويو آهي.۽ انشاءَ الله ايندڙ سال هڪ هزارکان وڌيڪ ماڻهن ۾(عيدراشن) مستحق ماڻهن ۾ ورهايو ويندو.۽ ان ڪار خير جي ڪم ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿيندڙ مهربانن کي الله پاڪ سندن روزي رزق ۾ برڪت عطا فرمائيندو.سندس مقصد صرف انسان ذات جي مددڪرڻ آهي. 

إرسال تعليق

 
Top