GuidePedia

0
Hala=Darul ulom AlShafa M Munaqid Muft Tibi Camp M Docters  Marezon Ka Check up Kerty,Mazizon Ki Lambi Qattar Nazer Aaty

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 17 جولائي 2016

هالا۾ واقع دارالشفاءَ ويلفيئراسپتال هالا جي چيئرمن مفتي محمد خالد ميمڻ جي نگراني ۾ ڪم ڪندڙسندس ٽيم جنهن ۾ اسپتال نگران ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ،ايڊمنسٽريٽر آصف عثمان ميمڻ ۽رٽائرڊ ڪئپٽن ڊاڪٽر غلام فاروق ميمڻ جن جي ڪاوشن سان تمام ٿوري عرصي ۾ مذڪوره اسپتال ۾ بغيرڪنهن رنگ،نسل،مذهبي لاڙي جي علائقي جي 24 ڪلاڪ انسان ذات جي ڀلائي لاءَ کليل رهندڙ ۽ اسٽاف جي موجودگي ۽ بهتر علاج ومعالج جي سهولت مهيا هجڻ تي مذڪوره اسپتال ۾ روزانه سوين مريضن جو مفت علاج سان گڏ  ان ۾ هرهفتي مختلف موذي مرضن جي علاج لاءملڪ جي وڏين اسپتالن جا نامور سرجن،فزيشن مذڪوره اسپتال ۾ ايندي وقتن به وقت هتانجي عوام جومفت علاج،چيڪ اپ سان گڏ کين مفت دوائون پڻ مهيا ڪندارهن ٿا.ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن مذڪوره اسپتال ۾(آرٿوپيڊ) هڏن جي ماهر ڊاڪٽرعقيل احمد ميمڻ۽(ڪارٽيالاجسٽڪ) دل جي ماهراسپيشلٽ ڊاڪٽرامتيازاحمدميمڻ هالا،هالاپراڻه،خانوٺ،سميت ضلعي مٽياري جي مختلف ڳوٺن جي رهندڙ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ مردن،عورتن،ٻارن ۽ ٻڍڙن جي اکين ۽ هڏن جي بيمارين ۾ ورتل مريضن جون مفت چيڪ اپ،ٽيسٽون ڪرڻ سان گڏ انهن جي لاڳيتي علاج لاءَ دوائون پڻ مفت فراهم ڪيون ويون ان هڪ ڏهاڙي ڪئمپ ۾ سوين مريضن جو مفت علاج ومعالج ڪيوويو

إرسال تعليق

 
Top