GuidePedia

0
نيو سعيدآباد ويجهو پرائمري استاد جو قتل ڪيس 5 ڄڻن خلاف داخل جنهن ۾ هڪ ڄڻو گرفتار .

نيو سعيد آباد(ن ڪ)نيو سعيد آباد کان 12 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي 2 ڏينهن اڳ ڀليڏنو ڪاڪا ڀرسان جمالي شاخ وٽ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل دودو خان ڪاڪا جي قتل جي ايف آءِ آر نيو سعيد آباد ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ عبدالرزاق ڪاڪا جي مدعيت ۾ 5 ڄڻن مولا بخش ان جي ٻن پٽن نظام الدين ۽ امام الدين ۽ ٻن ڀائرن جاويد ۽ گلبار تي داخل ڪرائي وئي آهي، نيو سعيد آباد پوليس نامزد 5 ڄڻن کان هڪ ڄڻي نظام الدين ڪاڪا کي قتل ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيو سعيد آباد ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نظام الدين ڪاڪا جو چوڻ هو ته 4 مهينا اڳ قتل ٿيل دودو خان ڪاڪا جو پٽ عظيم الرحمان ڪاڪا سندس ڀيڻ کي گهران کڻي ان سان عدالتي پرڻو ڪيو، اسان ڀيڻ ورائڻ ۽ ونهوار ڪرڻ لاءِ برادري جي چڱن مڙسن وٽ 3 مهينا پنڌ ڪيا پر انهن فيصلو نه ڪيو، ان بعد غيرت ۽ ڪاوڙ ۾ اچڻ بعد گذريل جمع تي وجهه ملڻ تي عظيم جي پيءُ کي مون قتل ڪيو، ان قتل تي مون کي ڪو به پڇتاءُ ناهي.

إرسال تعليق

 
Top