GuidePedia

0
Hala=Derya M Gum Nojawan Aafaque K Aakhree Yadgar Pic

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)17جولائ 2016
سنڌو درياءَ هالاپراڻه ۾ ٻڏي گم ٿي ويل نينگر 17 سالا نوجوان يارنهن ڪلاس جي نوجوان آفاق احمد پنهور جي درياءَ جي ڪپ تي پنهنجن دوستن سان سيلفي فوٽو ڪڍڻ دوران ڪري وچڻ جي واقعي کي هڪ هفتو مڪمل هجڻ جي باوجود مذڪوره نينگرکي درياءَ مان ڪڍڻ لاءَ هتانجي سياسي،سماجي،صحافي،شهري تنظيمن سميت مقامي ۽ ضلعي انتظاميه جي پاران متاثر خاندان سان همدري ڪندي مقامي غوطه خورن کان علاوه پاڪ نيوي جي جوانن پاران ٽي ڏينهن مسلسل ڳولا جي باوجود به آفاق احمد پنهور جي ڪابه خبر نه پوڻ تي مقامي ۽ ضلعي انتظاميه پاران جاءَ واقع تان پنهنجو سمورو عملو ۽ سامان هٽائي ورتو آهي جڏهن ته متاثرخاندان ۽ انهن جي رشتيدارن پاران پنهنجي نوجوان جي هٿ اچڻ لاءَهالاپراڻه بچاءَ بند تي موجود رهندي اتي درودشريف ۽ قرآن ڪريما جو ورد ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آهن.جڏهن ته ان سلسلي ۾ درياءَ ۾ ٻڏي هٿ نه ايندڙ نوجوان جي ناني عبدالله ميمڻ سميت ٻين رشتيدارن جو چوڻ آهي ته انهن پاران ڪافي علمائن سميت استخارا،فالن ۾ اهوئي ٻڌايو پيو وڃي ته سندن نينگر جاءَ واقعي واري هنڌ ئي پاڻي ۾ ڦاٿل آهي مگر انتظاميه انهن جي هڪ به نه ٻڌندي پنهنجي ڪيل ڪوششن کي اڻپوري حالت ۾ کين ڇڏي پنهنجو سامان ۽ عملدارن کي پاڻ ڏي گهرائي ورتوآهي هنن اعلي اختيارين کان مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آه.   

إرسال تعليق

 
Top