GuidePedia

0
ترڪي ۾ بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ 6000 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار

انقره/واشنگٽن (آن لائين سنڌي نيوز) ترڪي ۾ فوجي بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ آپريشن ڪلين اپ جاري، باغي فوجين، ججن ۽ سرڪاري ملازمن سميت 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار، ترڪ صدر جو چيف ملٽري اسسٽنٽ به گرفتار، آمريڪا پاران بغاوت ۾ ملوث هجڻ جا الزام رد، پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ آپريشن ڪلين اپ جاري آهي، ترڪي جي انصاف واري وزير بيڪير بوذداگ چيو آهي ته باغين خلاف آپريشن ڪلين اپ جاري آهي، ترڪي ۾ بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ 6000 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ باغي اعليٰ فوجي آفيسر، جج ۽ سرڪاري ملازم شامل آهن، ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته 50 کان وڌيڪ فوجي آفيسرن کي اولهندي صوبي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، بغاوت جي نتيجي ۾ 265 ڄڻا مارجي ويا، جن مان 104 باغي ۽ 161 عام شهري هئا، هن چيو ته بغاوت ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي معاف نه ڪيو ويندو، پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جي چيف ملٽري اسسٽنٽ کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته انقره ۽ استنبول ۾ فوجي بغاوت دوران قربانيون ڏيندڙ شهرين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ اڳوڻي صدر عبدالله گل به شرڪت ڪئي، انقره ۾ شهرين جي جنازي نماز ۾ وزيراعظم بن علي يلدرم شرڪت ڪندي مارجي ويلن کي خراج پيش ڪيو، ٻئي پاسي بغاوت جو مرڪزي ڪردار اڳوڻو ايئرچيف آڪن اوز ترڪ نڪتو، جنهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، هن کي فوج جي ٻن حاضر سروس جرنيلن جي پڻ حمايت حاصل هئي، هو اسرائيل ۾ ملٽري اتاشي پڻ رهي چڪو هو، هوڏانهن فوجي بغاوت جي ناڪامي تي استنبول جي روڊن تي هزارين ماڻهن جشن ملهايو، تقسيم اسڪوائر وٽ پهتل شهرين قومي جهنڊا لوڏيا ۽ حڪومت جي حق ۾ نعرا هنيا، ريلي کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته حالتون مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن، آمريڪي صدر باراڪ اوباما کي فون ڪري چئي ڇڏيو آهي ته فتح الله گولان کي ملڪ بدر ڪري يا کيس ترڪي جي حوالي ڪري، آمريڪا کي چيو آهي ته پينسلوانيا ۾ موجود شخص کي اسان جي حوالي ڪري، جيڪڏهن اسان ماڊل اسٽريٽجڪ پارٽنر آهيون ته پنهنجي پارٽنر جي درخواست تي عمل ڪري ڇو ته توهان جيڪو به دهشتگرد اسان کان گهريو اسان ان کي توهان جي حوالي ڪيو، هن چيو ته بغاوت پٺيان جيڪي ”وائرس“ هئا انهن کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته ملڪ جي پارليامينٽ موت جي سزا کي متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي، عوام تقسيم اسڪوائر تي موجود رهي، ٻئي طرف آمريڪا ترڪي ۾ بغاوت ڪرائڻ جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ترڪي پاران اسان تي فوجي بغاوت جو هنيل الزام غير ذميواراڻو آهي، جيڪڏهن ترڪي وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري اهڙي دعويٰ  ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ نقصانڪار آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ترڪي جي پرڏيهي وزير کي فون ڪري چيو آهي ته ترڪي فتح الله گولان جي حوالگي لاءِ باضابطا درخواست نه ڏني آهي، گولان جي حوالگي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي، ترڪي ۾ ناڪام بغاوت بابت پهرين کان آگاهه نه هئاسين، آمريڪا ناڪام بغاوت جي منصوبي جي جاچ ۾ ترڪ اختيارين جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن جاچ دوران قانوني تقاضائن جو احترام ڪيو وڃي ۽ تحمل کان ڪم ورتو وڃي، اميد آهي ته داعش خلاف آمريڪي آپريشن بنا رڪاوٽ جاري رهندو، هوڏانهن پينٽاگون موجب ترڪ اختيارين انڪرليڪ جو فوجي اڏو کولي ڇڏيو آهي ۽ داعش خلاف آمريڪا ٻيهر ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته انڪرليڪ ايئربيس جي ڪمانڊر کي پڻ بغاوت جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

إرسال تعليق

 
Top