GuidePedia

0
Hala=Sanp Ka Dansa Fotee A,Rahman Sial Online Sindhi News

28 جولائي 2016
 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا لڳ ڳوٺ جمان جي رهندڙ 25 سالا نوجوان عبدالرحمان سيال کي بلان جي ڏنگڻ بعد کيس سندس وارثن مذڪوره نوجوان کي علاج لاءَفوري طور تي تعلقه اسپتال هالا پهچلاج رهايو جتي موجود ڊاڪٽرن پاران سندس فوري ٽريتمينٽ ڪندي کيس علاج لاءَ اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيوجڏهن ته مذڪوره نوجوان اسپتال ۾ هڪ ڪلاڪ زيرعلاج رهڻ بعد اسپتال جي وارڊ ۾ وفات ڪري ويو.اهڙي اطلاع تي فوتي جا وارث وڏي انگ ۾ تعلقه اسپتال هالا پهچي ويا ۽ انهن مذڪوره نينگر جي فوت ٿيڻ جوالزام ڊاڪٽرن تي هڻندي چيو ته انهن پاران سندن نينگر کي بلان جي چڪ کان فوري بچاءَ لاءَ لڳندڙ انجيڪشن نه لڳائڻ سبب ٿي آهي ۽ انهن پاران مذڪوره نينگر کي وارڊ ۾ ڦٽو ڪندي ڇڏڻ ۽ انجي علاج جو ڪوبه بندوبست نه ڪرڻ ۽ ڊاڪٽرن جي لاغرض سبب ئي کين علاج لاءَ پهڇايل جوان جو کين لاش ڏنو آهي جڏهن ته فوتي جا وارث روئيندي پٽيندي جوان جو لاش اسپتال جي ايمبولنس ذريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جمان ڏاهري کڻائي ويا.جڏهن ته ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد ميمڻ۽ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر سميع الله ڪاڪا جن مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نانگ جي کاڌل عبدالرحمان سيال جي اسپتال پهچڻ شرط کيس فوري بچاءَ لاءَ قدم کڻندي سندس علاج معالج ڪيو ويو۽ وڌيڪ علاج لاءَ ئي کيس اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو۽ سندس علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ويئي هئي ۽ انکي بلان جي چڪ کان بچاءَ جي انجيڪشن پڻ لڳائي ويئي هئي جيڪا انجي موجود رشتيدارن کي پڻ ڏيکاري ويئي هئي

إرسال تعليق

 
Top