GuidePedia

0
Hala=Naree Aghwa Case M Girftar Mulzim Online Sindhi News

28 جولائي 2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالامان شادي شده ناري زبردستي اغوا،ننهن جي اغواتي سهري پاران هالا ٿاڻي تي بروهي برادري جي ڇهن جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو.ٻه جوابدارگرفتار.
خبر موجب ريلوي ڪالوني هالا ۾ رهندڙ ماڇي برادري سان تعلق رکندڙاختيارسولنگي جي گهرواري صاحبه ماڇي کي اعوا ڪيو ويومذڪوره واقعي بعدناري جي سهري حسين بخش ماڇي هالا ٿاڻي تي پهچي سندس ننهن صاحبه ماڇي کي زبردستي اغوا ڪرڻ جو ڪيس بروهي برادري سان تعلق رکندڙ ڇهن ڄڻن جن ۾ هرهڪ غلام شبير،حاجي علينواز،گل حسن بروهي سميت ٽن نامعلوم جوابدارن تي سندس ننهن کي فوڊ گودام هالا وٽان زبردستي هٿيارن جي زورتي اغوا ڪرڻجو ڪيس داخل ڪرايو.هالا پوليس مذڪوره جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءَ ڪاروائي ڪندي ٻن جوابدار غلام شبيربروهي ۽ امتياز سولنگي کي گرفتارڪري کين لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ٻئي طرف فريادي ناري جي مڙس ۽ انجي سهري حسين بخش سولنگي مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مذڪوره جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ملوث جوابدارڪين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءَ ڌمڪائندي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هنن اعلي اختيارين کان تحفظ۽ انهن جي قيد ۾ پيل سندن زال ۽ ننهن صاحبه کي واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي ملوث جوابدارن کي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيوآهي.

إرسال تعليق

 
Top