GuidePedia

0
سيوهڻ ۾ پ پ تعلقه صدر رئيس امان الله درگاه قلندر تي چادر چاڙهيندي
سيوهڻ ۾ پ پ تعلقه صدر رئيس امان الله درگاه قلندر تي چادر چاڙهيندي

تاريخ 27 جولائي 2016
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيد مراد علي شاهه جي وزير اعليٰ بنجڻ واري اعلان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سيوهڻ تعلقه صدر پاران هزارين ڪارڪنن سان ريلي ڪڍي ويئي: پ پ تعلقه صدر رئيس امان الله شاهاڻي پاران ڀان کان سيوهڻ تائين ريلي ڪڍي ويئي: درگاهه قلندر جي مزار تي حاضري ڏئي چادر چاڙهي ۽ نئين وزير اعليٰ سنڌ لاءِ دعائون گهريون: سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير خزانه هو ته به سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ هاڻ به ڪندو: پ پ تعلقه صدر: سائين مراد علي شاهه سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو سندس وزير اعليٰ بنجڻ تي خوشي محسوس ڪريان ٿو: رئيس امان الله شاهاڻي

خبر موجب سيوهڻ شريف جي حلقي ۽ PS-73 سان تعلق رکندڙ سنڌ جي صوبائي وزير خزانه سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جي وزير اعليٰ بنجڻ واري اعلان تي سيوهڻ شريف ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، حمايتين ۽ شهرين سميت ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي. سيد مراد علي شاهه جي وزير اعليٰ بنجڻ واري اعلان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه سيوهڻ شريف جي صدر رائيس امان الله شاهاڻي پاران ڀان سيد آباد کان سيوهڻ تائين هزارين ڪارڪنن سان ريلي ڪڍي سيوهڻ پهچي ويو.سيوهڻ پهچي درگاهه حضرت قلندر لعل شهباز رحه جي مزار تي حاضري ڏيندي چادر چاڙهي ۽ نئين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي حق ۾ دعا گهري. جنهن بعد پ پ تعلقه سيوهڻ جي صدر رئيس امان الله شاهاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيد مراد علي شاهه جڏهن صوبائي وزير خزانه هو تڏهن به سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ هاڻ به ڪندو. سائين سيد مراد علي شاهه سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو سندس وزير اعليٰ بنجڻ تي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪريان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو پنهنجي شهر سيوهڻ شريف سميت سنڌ جي سموري عوام جي خدمت ڪندو ۽ نوجوان قيادت لاءِ بهترين ڪردار ٿي معاشري ۾ تبديلي آڻيندو. ان موقعي تي ساڻس گڏ پيرل ڀٽي پ پ ڪلچرل ونگ تعلقه سيوهڻ، اعجاز علي شيخ پ پ سٽي صدر، غوث محمد پرارو پ پ ليبرونگ بيورو ۽ ٻيا ڪارڪن ۽ شهري گڏ هئا.

إرسال تعليق

 
Top