GuidePedia

0
Hala=PP Leady Rahnima Sy Frad Case M Giraftar Mulzim Hala  Jail M.

28 جولائي 2016
 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
هالا ۾ پ پ عورت ونگ جي اڳواڻ رضيه ڏاهري سان فراڊ ڪندڙ ماڇي ۽ مهربرادري جي چئن ڄڻن خلاف فراڊ جو ڪيس داخل.هڪ جوابدار گرفتار،ٽي جوابدارفرار.هالا پوليس سندس ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪوبه قدم نه پئي کڻي،ساڻس فراڊ ڪندڙ آزاد گهمي رهيا آهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءَ ڌمڪائي رهيا آهن.پ پ اڳواڻ رضيه ڏاهري.

خبر موجب هالا لڳ ڳوٺ شاهه محمد ڏاهري ۾ رهندڙ پ پ عورت ونگ جي مرڪزي اڳواڻ رضيه ڏاهري گذريل ڏينهن مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هالا جي ريلوي ڪالوني ۾ رهندڙ ماڇي برادري سان تعلق رکندڙ هرهڪ احسان ماڇي سندس ڀاءُ محمد عثمان،غلام سرورماڇي،۽خالد حسين مهرجن کانئس ڪاروبار ڪرڻ لاءُ چار لک اسي هزارروپيه ڪيش ورتا هئا مگر انهن کيس مذڪوره ڪاروبارمان اڄ  تائين ڪجهه به ناهي ڏنو جڏهن ته انهن مذڪوره ڪاروبار مان هڪ ڊاٽسن ۽ سوزڪي پڪ اپ پڻ خريد ڪيو آهي جڏهن ته کانئن سندن رقم گهرڻ تي هو کيس ماٺ ڪري ويهڻ ۽ ڏنل رقم نه گهرڻ جو چئي کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.جڏهن ان پاران ايس ايس پي مٽياري ملڪ ظفر اقبال اعوان کي مذڪوره جوابدارن کان سندس ڏنل رقم واپس ڪرڻ جي درخواست ڪندي انهن خلاف ڪاروائي جو مطابو ڪيو جنهن تي هالا پوليس ايس ايس پي جي هدايتن بعد هالا پوليس سندس رقم کائيندڙ جوابدارن خلاف فوري ڪاروائي ڪندي چئن جوابدارن مان صرف هڪ جوابدار احسان ولد خميسو ماڇي کي پڪڙي ڪيس لاڪپ ڪيو آهي جڏهن ته سندس ڪيس ۾ڄاڻايل باقي تي جوابدار جن ۾ محمدعثمان،غلام سرورماڇي ۽ خالد حسين مهر جيڪي شهر ۾سرعام گهمندي کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.۽مذڪوره جوابدان جي موجودگي جي اطلاع ڏيڻ باوجود به هالا پوليس انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رهي آهي..پ پ عورت ونگ مٽياري جي اڳواڻ رضيه ڏاهري سپريم ڪورٽ جي جج،چيف آف آرمي اسٽاف سميت پ پ جي اعلي قيادت کان مطالبو ڪندي ساڻس انصاف ڪندي سندس ڏنل رقم واپس ورائڻ ۽ کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ۽ سندس تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

إرسال تعليق

 
Top