GuidePedia

0
Supreme Court  Pakistan Today Awais Shah's kidnapping SC orders govt to remove SSP South Karachi

تاريخ 15 جولائي 2016

ڪراچي (آن لائين سنڌي نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا کي 24 ڏينهن گذرڻ باوجود کيس بازياب نه ڪرائڻ ۽ ججن توڙي انهن جي ڪٽنبن کي گهربل سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اويس شاهه کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن، جنهن ڪري صدر مملڪت ۽ وزير اعظم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي اغوا واري معاملي جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا توڙي ان جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو وٺڻ سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيمليز جي سيڪيورٽي وارن معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججز اجلاس ۾ اويس شاهه جي اغوا واري واقعي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 24 ڏينهن گذرڻ باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اويس شاهه کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا وارو واقعو عدليا جي آزادي خلاف آهي، جنهن سان عوام ۾ به عدم تحفظ وارو احساس پيدا ٿيندو، اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ بنا ڪنهن خوف ۽ رعايت جي قانون ۽ آئين مطابق انصاف جي فراهمي کي جاري رکڻ واري عزم کي ورجائيندي چيو ويو  ته ججز آئين ۽ قانون مطابق فرض ادا ڪندا رهندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن معاملي جي حساسيت کي نظر رکندي چيو ته صدر مملڪت ۽ وزير اعظم کي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ جي فوري بازيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن وڌيڪ  چيو ته جيتوڻيڪ چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا ٿيڻ ۽ ان جي بازياب نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪيل آهي، جنهن جو فيصلو عدالت کي  ڪرڻو آهي پر ان باوجود  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اميد ڪيون ٿا ته اهي چيف جسٽس جي پٽ کي تڪڙو بازياب ڪرائيندا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن پنهنجي فيمليز جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته لاڳاپيل اختيارين پاران اڃان تائين ججن جي فيمليز جي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ويو ته مستقبل جي حڪمت عملي ايندڙ گڏجاڻي ۾ طئي ڪئي ويندي، ياد رهي ته 20 جون تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد  علي شاهه جي پٽ اويس شاهه کي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هن وقت تائين سندس بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، ذريعن موجب ججن جي اجلاس ۾ 20 ججن شرڪت ڪئي آهي، صدارت جسٽس احمد علي شيخ ڪئي، گڏجاڻي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا واري واقعي سبب ججز ۽ سندس خاندان اهڙي قسم جي واقعي جي خطري هيٺ اچي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ انصاف جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي.

إرسال تعليق

 
Top