GuidePedia

0
bilawal bhutto muzaffarabad khattab online sindhi news

تاريخ 15 جولائي 2016

مظفرآباد (آن لائين سنڌي نيوز) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته (ن) ليگ جي خاتمي جو آغاز راولاڪوٽ مان ٿيندو، آزاد ڪشمير جي نئين حڪومت کانپوءِ وفاقي حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿيندي، راولا ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ کي ميان نواز شريف-مودي دوستي ۽ ڪشمير دشمن پاليسي قبول ناهي، نواز شريف جي دوست نريندر مودي جي حڪومت ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهي آهي، 35 ڪشميرين جي قتل تي وزيراعظم 4 ڏينهن کانپوءِ بيان ڏئي جان ڇڏائي، جيڪڏهن اليڪشن (ن) ليگ کٽي وئي ته مودي سرڪار جي حمايت جو پيغام ويندو، هن چيو ته ڪشمير ۾ ظلم تي وزيراعظم جي خاموشي مودي حڪومت جي حمايت جي برابر آهي، مودي جي دهشتگردي کي نواز شريف جي خاموش حمايت حاصل آهي، مودي سرڪار ڪشمير ۾ ظلم جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪشمير مسئلي تي راءِ شماري جو مطالبو ڪريون ٿا، ڪشميري پنهنجو حق حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، (ن) ليگ جي پاليسين ۾ ڪشمير مسئلو شامل ناهي، (ن) ليگ ڌانڌلي کي ناڪام بڻائينداسين، هن چيو ته ڀارت پاڻي تي به دهشتگردي شروع ڪري ڇڏي آهي، (ن) ليگ ٽن سالن ۾ آف شور ڪمپنين کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ ڪو به ڪاليج يا يونيورسٽي ٺاهي نه سگهي، (ن) ليگ جا مهانگا منصوبا ملڪ جي نه پر اتفاق فائونڊري جي ترقي لاءِ آهن، هن چيو ته نواز شريف جي نظر ۾ تعليم جي ڪا به اهميت ناهي ڇو ته ڪتابن ۾ لوهه استعمال نه ٿيندو آهي، نواز شريف واپاري آهي، جيڪو رڳو ذاتي مفاد ڏسندو آهي، عوام غربت ۽ مهانگائي سبب سخت پريشان آهن ۽ نواز شريف رڳو ٻارڙن جون آف شور ڪمپنيون بچائي رهيو آهي، هن اسحاق ڊار کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان عوامي هجو ها ته توهان کي خبر هجي ها ته عوام ڪهڙي حال ۾ آهي، اسحاق ڊار ڄاڻي ٿو ته نواز شريف وڃڻ وارو آهي، ان کانپوءِ ننڍي ميان صاحب سان ڪم ڪرڻو پوندو، ان ڪري اسحاق ڊار انڊن ۽ مرغين جي مارڪيٽنگ شروع ڪري ڏني آهي.

إرسال تعليق

 
Top