GuidePedia

0
سيوهڻ ۾ پ پ رهنما سردار سڪندر علي راهپوٽو سان شهري ملي رهيا آهن ٻئي پاسي ڪارڪن جشن ملهائيندي رقص ڪري رهيا آهن
سيوهڻ ۾ پ پ رهنما سردار سڪندر علي راهپوٽو سان شهري ملي رهيا آهن ٻئي پاسي ڪارڪن جشن ملهائيندي رقص ڪري رهيا آهن 

تاريخ 27 جولائي 2016
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيد مراد علي شاهه جي وزير اعليٰ بنجڻ واري اعلان کان پوءِ سيوهڻ ۾ ڪارڪنن ۽ پ پ اڳواڻن ۾ خوشيون ملهائڻ شروع ٿي ويو: پ پ تعلقه سيوهڻ جي اڳواڻ سردار سڪندر علي راهپوٽو جي رهائش گاه تي شهرين، ڪارڪنن ۽ پ پ جي حمايتي ڌرين پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري:

خبر موجب  سيوهڻ شريف جي حلقي ۽ PS-73 سان تعلق رکندڙ سنڌ جي صوبائي وزير خزانه سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جي وزير اعليٰ بنجڻ واري اعلان تي سيوهڻ شريف ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ حمايتين سميت ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي آهي. سيوهڻ تعلقي جي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ سردار سڪندر علي راهپوٽو جي رهائشگاه تي هزارين شهرين، ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن اچي ڪري سردار سڪندر علي راهپوٽو کي گلن جا هار پارائي سيد مراد علي شاهه جي وزير اعليٰ سنڌ ٿيڻ تي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي گذريل ٻن ڏينهن کان راهپوٽه هائوس تي پ پ جا ڪارڪن دهل ۽ شرنائين تي رقص ڪري ناچ ڪري پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندا رهيا آهن. هوڏانهن سردار سڪندر علي راهپوٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيد مراد علي شاهه جي وزير اعليٰ بنجڻ تي سيوهڻ واسين ۽ سمورن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اميد ٿا ڪريون ته سيد مراد علي شاهه سيوهڻ شريف جي عوام سميت سموري سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندو ۽ پنهنجي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه لڪياري وانگر هڪ بهترين ڪردار نڀائيندي سموري سنڌ  کي خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي وٺي ايندو ۽ سنڌ ۾ امن، سلامتي سان گڏ سنڌ رهواسين کي بنيادي سهولتن سان گڏ روزگار، تعليم حاصل، صحت جي سهولت ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ ۾ سڀ کان اڳڀرا رهندا.

إرسال تعليق

 
Top