GuidePedia
Latest News

0
اسلام آباد پاڪ فوج کي غير آئيني قدم کڻڻ لاءِ ڀڙڪائڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل

تاريخ 15 جولائي 2016

اسلام آباد پاڪ فوج کي غير آئيني قدم کڻڻ لاءِ ڀڙڪائڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل يونين آف جرنسلٽ جي اڳوڻي مرڪزي صدر افضل بٽ پاران پنهنجي وڪيل اڪرام چوڌري ذريعي اهڙي درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي حوالي سان اسلام آباد ۾ بينر لڳائيندڙ تنظم موو آن جي سربراهه، عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد، ٽي وي اينڪر ڊاڪٽر دانش ۽ حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته فوج اقتدار ۾ نه اچڻ جو قسم  کنيو آهي، جڏهن ته آرمي چيف کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائڻ آئين سان غداري برابر آهي،درخواست ۾ چيو ويو ته فوج کي غيرآئيني قدم کڻڻ لاءِ ڀڙڪائيندڙ ملڪ جا سڄڻ ناهن، درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته عدالت لاڳاپيل ڌرين خلاف آئين جي قلم 6 هيٺ ڪارروائي جو حڪم ڏئي

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top