GuidePedia
Latest News

0
هالا شهر ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ جي خلاف سماجي ورڪرن ۽ صحافين پاران ڪورٽ ۾ درخواست داخل

22 جولائي 2016  
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

هالا شهر ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ جي خلاف مقامي انتظاميه پاران ڪو به قدم نه کڻڻ تي هالا جي سماجي ورڪر،صحافي ۽ وڪيل انوارالحق ميمڻ سول ڪورٽ هالا جي عدالت ۾ هالا شهر ۾ انڪروچمينٽ هٽرائڻ لاءَ هڪ درخواست داخل ڪندي جنهن ۾ هن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر هالا،مختيارڪار هالا۽ ميونسيپل ايڊمنسٽريٽرهالا کي ڌربڻائيندي کين عدالت ۾ جوابي طلبي لاءَ رجوع ڪيو آهي جڏهن سول ڪورٽ هالا جي عدالت شهري جي داخل درخواست تي مذڪوره عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين پنهنجي عدالت ۾ طلب ڪري ورتوآهي.ان سلسلي ۾ انڪروچمينٽ جي خلاف عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائيندڙ هالا جي سماجي ورڪر۽ وڪيل انوارالحق ميمڻ هالا پريس ڪلب جي مقامي صحافين کي عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست جي ڪاپي ڏيکاريندي چيو ته مقامي انتظاميه جي لاغرضي سبب شهر جي اهم چوراهن،محلن،گهٽين ۽ روڊن تي هٿرادو انڪروچمينٽ ڪئي پيئي وڃي جنهن سبب عام شهرين سميت اسڪول،ڪاليج ويندڙ معصوم شاگردن ۽شاگردياڻين،مريضن کي تمام گهڻي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.

إرسال تعليق

Emoticon
:) :)) ;(( :-) =)) ;( ;-( :d :-d @-) :p :o :>) (o) [-( :-? (p) :-s (m) 8-) :-t :-b b-( :-# =p~ $-) (b) (f) x-) (k) (h) (c) cheer
Click to see the code!
To insert emoticon you must added at least one space before the code.

 
Top