GuidePedia

0
هالا وحدت المسلمين ضلعي مٽياري هالا پاران ملڪ ۾ شيعن جي قتل عام خلاف احتجاج

22 جولائي 2016  
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)

مجلس وحدت المسلمين ضلعي مٽياري هالا پاران 22 جولائي جمعي ڏهاڙي تي شام کان هالا باءَ پاس تي ملڪ ۾ شيعن جي قتل عام ۽ ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻ علامه راجا ناصرعباس پاران ملڪ جي ايوان آڏو هنيل احتجاجي ڌرڻي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ سندس جدو جهد کي جاري رکڻ جي سلسلي ۾ مرڪزي شيعه امام بارگاهه هالا کان هڪ احتجاجي جلوس ڪڌندي هالا باءَ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويوآهي ۽ مذڪوره ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءَ ايم ڊبليو ايم هالا ۽ ضلعي مٽياري جي عهديدارن،ميمبرن۽ ورڪرن پاران مذڪوره احتجاج ۾وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ لاءَ هالا شهر ۽ انجي قريبي ڳوٺن ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار ٿيندي سب ڊويزن هالا جي مختلف ڳوٺن ۾ دورو ڪندي(اڄ) واري احتجاجي جلوس ۽ ڌرڻي ۾ وڌکان وڌ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.

إرسال تعليق

 
Top