20 جولائي 2016
هالا ڀٽ شاهه رپورٽر عبدالغفورميمڻ سهراب خان ڪاڪا)
سنڌ جي عظيم صوفي
شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي راڳي فقير لائق ڏنو تمراڻي جي 18 ورسي ڀٽ شاهه ۾
نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ان موقعي تي درگاهه ڀٽائي جي راڳي فقير
علي ڏنو تمراڻي پنهنجي خاندان جي ماڻهن سميت سوين مريدن سان حضرت شاهه عبدالطيف جي
وڏي اوطاق تي گڏ ٿيڻ بعد سندس مزار تي پهچي درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽
سندس والد سيد حبيب شاهه سميت ٻين خليفن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد پنهنجي والد
فقير لائق ڏنو تمراڻي جي مزار تي گلن جي چادر چارهي ۽ خصوصي دعائون گهريون، ان
موقعي تي ساڻس ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه جو نامزد چيئرمين سيد شمن علي شاهه، سيد مهدي
شاهه، سيد مسرور شاهه، فقير طالب حسين تمراڻي، فقير عابد حسين تمراڻي، جونيئر لائق
ڏنو تمراڻي، انور لاکو، پير محمد شاهه، محمد هاشم نظاماڻي، محمد صالح نظاماڻي،
مختيار احمد نظآماڻي، بچو ڄڙهه، سليم وساڻ، محسن علي وساڻ، مجيب جتوئي، خادم حسن
هالو، جمال وساڻ، ڊاڪٽر نورمحمد ٻگهيو، مظهر مغل، شفيع محمد، فقير غلام محمد کان
علاوه ڀٽ شاهه جي شهرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فقيرلائق ڏنو تمراڻي جي
مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ دعائون گهريون.
إرسال تعليق