20 جولائي 2016
هالا(رپورٽ
عبدالغفورميمڻ)
آبپاشي کاتي جي خلاف آبادگار
جاڳي پيا، ڇر مائينر، تارا مائينر ڊائون، شيخاڻي مائينر ۽ ٻين شاخن جي هزارين
آبادگارن جو منيرارباب، ڪامريڊ شيرمحمد ڏاهري، نورل خان نظاماڻي، عامر بهزاد ميمڻ،
احسن ارباب، محمد بخش نظاماڻي، وسيم ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالا باءِ پاس تي
مهراڻ موري وٽان قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي کاتي
جي خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان
ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون
لڳي ويون، نٽهڻ اس ۾ آبپاشي کاتي جي خلاف لڳل ڌرڻي ۾ هزارين آبادگارن هٿن ۾ پلي
ڪارڊ کڻي شاخن تي بااثر زميندارن جي لفٽ مشينن ۽ غيرقانوني پائپن لڳائڻ سبب پڇڙي ۾
پاڻي نه پهچڻ ڪري آبپاشي کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا
سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا پئسن عيوض منڍ جي زميندارن کي
پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، مختلف شاخن تي لفٽ مشينن ۽ غيرقانوني پائپن ذريعي پاڻي
سرعام چوري ٿي رهيو اهي مگر آبپاشي کاتي جا عملدار انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ
انهن سان منٿلي مقرر ڪري سرعام پاڻي چوري ڪرائي رهيا آهن جنهن سبب پڇڙي تائين پاڻي
نه پهچڻ سبب هزارين ايڪڙن تي اسان جا بيٺل فصل ڪمند، ڪيلو، وونئڻ ، مرچ ۽ ٻيا فصل
تباهه ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي لاپرواهي سبب هالا جي ڀرپاسي جون
هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بنجي ويون آهن جنهن سبب ڪيترائي آبادگار تباهه ۽ برباد ٿي
ويا آهن ۽ پنهنجو زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هنن چيو ته
آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي سخت هدايتن باوجود اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي
رهيو آهي جڏهن ته سيڪريٽري پاران شاخن تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري
ڪيو آهي جنهن تي پڻ عمل ڪونه پيو ڪيو وڃي، مسلسل ٽي ڪلاڪ ڌرڻي بعد ايس ايس پي
مٽياري ملڪ ظفر اقبال ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين
ڏياريو ته پاڻي چوري ڪندڙ ڪيترا به بااثر ڇونه هجن انهن جي خلاف سخت قانوني
ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪرپشن ڪندڙ ۽ رشوت وٺندڙ آبپاشي عملدارن جي خلاف پڻ ڪارروائي
ڪئي ويندي جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو، جڏهن ته آبادگارن اهو
چتاءُ پڻ ڏنو ته اگر اسان جا مسئلا حل نه ٿيا ته هڪ هفتي بعد اسان وري قومي
شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو
إرسال تعليق