GuidePedia

0
Hala=SUP Rahnima Sayed Jajal Mahmud Shah Hala M Member  Ship Kerty.

20 جولائي 2016
هالارپورٽ عبدالغفورميمڻ) 

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو چيئرمين سيد جلال محمود شاهه پارٽي جي تنظيم سازي جي سلسلي ۾ هالا پهتو، جتي ايس يو پي جي ضلعي صدر انور ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي ايس يو پي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس يو پي منشوري پارٽي آهي ۽ ان جي هر ٽئين سال تنظيم سازي ڪئي ويندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارٽي ۽ ڪارڪنن کي منظم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ٽن مهينن کان پوري سنڌ ۾ تنظيم سازي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ايس يو پي جو ڊيموڪريٽڪ الائنس سان ڪوبه واسطو نه آهي ڇاڪاڻ ته ان الائنس ۾ مسلم ليگ فنڪشنل کان سواءِ ڪابه پارٽي نه آهي ۽ اهو هڪ شخصيتن جو الائنس آهي، ان الائنس ۾ موجود سنڌ سان تعلق رکندڙ ٽي وزيراعلى پڻ شامل آهن جن پنهنجي دور اقتدار ۾ سنڌ جي لاءِ ڪابه ترقياتي عمل نه ڪرايو هو، موجوده سنڌ حڪومت به مڪمل طور تي ناڪام ٿيل آهي، پ پ دور حڪومت جا سمورا ٽرم صرف وڏير شاهي من پسند ماڻهن ۽ پنهنجا نوازي جا دور گذريا آهن، هن ڇيو ته پ پ حڪومت جا سمورا وزير ڪرپشن ملوث آهن، جنهن سبب سنڌ جي ڪنهن به علائقي يا شهر ۾ ترقي نظر ئي ڪونه پئي اچي، ملڪ ۾ ترقيات ڪم اگر ٿيا آهن ته صرف پنجاب حڪومت پنهنجي علائقن ۾ ڪرايا آهن، موجوده وزيراعظم پڻ ملڪ جو نه پر بلڪه هڪ صوبي جو وزيراعظم بڻيو ويٺو آهي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن جيڪي وقت به وقتن هڪ ٻئي جا ڇپر ڇانو بڻيل آهن، ملڪ ۾ پهريون دفعو عدالت سڳوري بغير ڪنهن فرق جي ڪرپشن ۾ ملوث جماعتن جي اڳواڻن کي جيل اماڻيو آهي، اهو عمل هڪ  سٺو قدم آهي، حڪومت ۾ شامل ڪرپشن ۾ ملوث وزير لڪڻ ۾ پورا آهن، پاناما ليڪس جي جانچ ۾ وزيراعظم ۽ سندس خاندان جي ملوث هجڻ بعد وزيراعظم کي حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪوبه حق نه آهي، ترڪي حڪومت تختي اونڌي ڪرڻ ۾ اتان جي فوج کي شڪست نصيب ٿي آهي جڏهن ته اهو عمل پاڪستان ۾ ٿئي ها ته عوام ان کي ڀليڪار چئي ها. جنرل راحيل شريف جون خدمتون ملڪ جي اندروني ۽ بيروني دفاءِ ملڪ کي مظبوط ڪيو آهي ۽ ان جي خصوصي صلاحيت سبب پوري ملڪ ۾ ان جي حمايت جي لاءِ عوام کيس ويلڪم ڪري رهيو آهي سنڌ ۾ امن وامان قائم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج ۽ پاڪ رينجرس جو ڪارنامو آهي سنڌ پوليس پنهنجي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي  ايندڙ اليڪشن سنڌ جو عوام حقيقي نمائندن  کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو،  ان موقعي تي ساڻس ايس يو پي جا مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مهيري، روشن علي ٻرڙو، رسول بخش ٿيٻو، ميرمولابخش لغاري، ادريس چانڊيو، ڊآڪٽر انعام ڀٽي، سيد سهيل احمد شاهه، باغي مجاهد ٿهيم، غلام سرور ابڙو سميت ضلعي مٽياري، سانگهڙ، ۽ ٻين ضلعن جا ڪارڪن پڻ گڏ هئا،

إرسال تعليق

 
Top