GuidePedia

0
سيوهڻ ۾ ايس يو پي جو سربراه سيد جلال محمود شاهه ميمبرسازي مهم جو آغاز ڪري رهيو آهي

19جولائي2016
سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ شريف ۾ ايس يو پي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه پهچي ويو: گلن سان آجيان ڪري سيوهڻ جهاز چونڪ پارڪ ۾ کيس ڀليڪار ڪيو ويو: ايس يو پي پارٽي ۾ شموليت لاءِ ميمبرشپ ڪرڻ جو اعلان سيڪڙو ماڻهن پاران شموليت جا فارم ڀرجي ويا: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا هميشه نيڪ جذبن ۽ نيڪ ارادن سان عوام جي حق لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي (سيد جلال محمود شاهه)

خبر موجب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاران سيوهڻ شريف ۾ ايس يو پي ۾ نئين سر ميمرساري ڪرڻ جي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو. سيوهڻ جي جهاز چونڪ پارڪ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ ورڪرن پاران پنڊال کي سجايو ويو جتي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، سيد زين العابدين شاهه، روشن علي ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، خدابخش ٿيٻو، مير مولا بخش لغاري، پروفيسر امام ڀٽي ۽ ٻين جي گلن سان آجيان ڪري کين ڀليڪار ڪيو. سيدجلال محمود شاهه ۽ روشن علي ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي واحد پارٽي آهي جنهن هميشه اصلاح سان ڀريل ڳالهيون ڪيون آهن. جنهن جا ڪارڪن ۽ ورڪر بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ زور جي هميشه نيڪ جذبن ۽ نيڪ ارادن سان عوام جي هر مسئلي ۾ اڳيان رهندي جدوجهد ڪندا رهيا آهن. هنن چيو ته اڄ سيوهڻ تعلقي کان ايس يو پي پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر ميمرسازي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد ته سموري سنڌ اندر بهترين نموني سان ايس يو پي ۾ ماڻهون شموليت ڪندا. سيد جلال محمود شاهه چيو ته موجوده سنڌ حڪومت مان سنڌ جو عوام مايوس ٿي چڪو آهي ۽ رشوت خوري، ڪرپشن، بدعنوانيون، جرم، سهولتن جي اڻهوند، پاڻي، بجلي، صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان هر ماڻهون محروم آهي. سيوهڻ شهر هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو پر هر ڪو پيئڻ جي پاڻي، صحت، بجلي، تعليم لاءِ وانجهائي رهيو آهي.هر ڪو ادارو ڪرپشن ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. جلال محمود شاهه چيو ته اھو ڏينھن هاڻي گهڻو پري ناھي جو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اقتدار ۾ اچي اھڙن بي ڪرپٽ ۽ بي ايمان حڪمرانن کي ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪندي. هن شروعاتي ميمبرسازي مهم ۾ شروعات ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهن فارم ڀريا ان موقعي تي ايس يو پي جو تعلقه صدر درياءُ خان لغاري، آزاد منصور چنه، مريد خان بروهي، آزاد غفور نوحاڻي، عزيز ٻگهيو، مير وڪيل پرارو، اصغر شاهاڻي ۽ ٻيا اتي ميمبرسازي مهم ۾ ورڪ لاءِ سرگرم رهيا.

إرسال تعليق

 
Top