GuidePedia

0
Hala=Mola Bux Chandio Sahafin San Ghalahiandy

هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 01 جولاء 2016

سينيئر صوبائي وزير  تعليم ۽ پ پ پ سنڌ ڪوآرڊينيشن 5 رڪني ڪميٽي ميمبر  نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ پ هڪ عوامي پارٽي ۽ هڪ گھر وانگر آهي جڏهن ته پ پ پ ڇڏي ويندڙ دربدر آهن پارٽي تي ڪو به اثر نه پيو آهي پر چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي جڏهن ته  اسان پارٽي ورڪرن سان گڏجي پارٽي کي سنڀاليندي وڏيون قربانيون ڏيئي اڳتي وڌيا آهيون ۽ ڀٽي صاحب جو به اهو فلسفو  هو ته پارٽي ورڪرن کي گڏ کڻي هلون _ اها ڳالهه هن اڄ سرڪٽ هائوس مٽياري ۾  پ پ پ  جي نئين تنظيم سازي جي سلسلي ۾ پارٽي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چئي_ ورڪرزڪنوينشن ۾  ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميمبرن  صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو ، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ راشد رباني کان علاوه مٽياري مان  پ پ پ جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ ٻين سميت پارٽي ورڪرن جي  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي _  صوبائي وزير تعليم خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽي اهو  چيو هو ته هو دشمنن هٿان ضرور شهيد ٿيندو پر تاريخ ۾ پنهنجو نالو ضرور ڇڏيندو _ هن چيو ته ڪجهه عنصر پاڪستان پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ چاهين پيا پر پارٽي اڄ به زنده آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به زنده رهندي _ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن جلاوطن هئي  تڏهن هن چيو هو ته  ملڪ اندر سندس دشمن گهڻا آهن تنهن هوندي به جلاوطني ختم ڪري عوام جي خدمت لاءِ واپس ملڪ موٽي آئي ۽ کيس  شهيد ڪيو ويو ، هو جسماني طور تي نه پر روحاني طور اڄ به اسان سان گڏ آهي .شهيد محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ ٽين پيڙهي طور بلاول ڀٽو زرداري سياست ۾ عملي پير وڌو آهي ۽ هن اهو وعدو ڪيو هو ته پارٽي جي سمورن عهدن کي ختم ڪري  نئين تنظيم سازي ڪري پارٽي جي نوجوانن کي اڳتي آندو ويندو ۽ ورڪرن جي طاقت سان کيس وزير اعظم  جي ڪرسي تي ضرور ويهارينداسين _ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پارٽي ٺاهي هئي ته ان وقتسندس پارٽي ۾ صرف 300 ماڻهو هئا ۽ پارٽي وقت سر اڳتي وڌندي عوام جو سمنڊ بڻجي وئي آهي_ هن چيو ته پارٽي کي ٺهندي 40 سال ٿي چڪا آهن ۽ اسان ڪنهن جو مقابلو نه پر پنهنجو گهر سنڀالي رهيا آهيون  ۽ اڄوڪي انهن ورڪرز ڪنوينشنز۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته پيپلزپارٽي جا ورڪر پارٽي سان وڏي محبت رکن ٿا-صوبائي صلاحڪار اطلاعات سنڌ ۽ پ پ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميمبر مولابخش چانڊيو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي نئين تنظيم سازي واري فيصلي سان سنڌ جي ورڪرن ۾ خوش جي لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ ڪارڪن پارٽي چيئرمين جي فيصلي تي لبيڪ چئي نئين تنظيم سازي ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن _ هن چيو ته شهيد ڀٽو جي دور جي پارٽي جهڙو جوش خروش ڏسي مخالف پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن-هن چيو ته انهن پارٽي  ڪنوينشن جو مقصد پارٽي ڪارڪنن کان نئين سر تنظيم سازي لاءِ  صوبائي ، ڊويزنل، ضلعي صدرن ، جنرل سيڪرِيٽرين ۽ اطلاعات سيڪريٽرين جي عهدن لاءِ انهن کان راءِ وٺڻ آهي ۽  جيڪو به پارٽي ورڪرز چاهيندا اهو ئي ٿيندو _ ورڪرن  پاران پارٽي عهدن لاءِ تجويز ٿيندڙ نالا اسان پارٽي چيئرمين کي پيش ڪنداسين ۽ ان بعد هو نون عهديدارن جي نالن جو اعلان ڪندو .ان موقعي تي اطلات ۽ آرڪائيوز کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري انقلابي قدم کڻندي سموري ملڪ جي تنظيمن کي ٽوڙي نئين سر تنظيم سازيءَ جو آغاز ڪيو آهي. ان سان گڏ اهو به انقلابي قدم آهي ته ڪارڪنن جي رائي ورتي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ اسان سنڌ جا دورا ڪيا آهن ۽ وڏا وڏا هر هنڌ اجتماع ٿي رهيا آهن جنهن ۾ اسان يونين ڪائونسل سطح تي ڪارڪنن سان ملي انهن جي تجويزون حاصل ڪيون آهن، جيڪي به نالا عهدن لاءِ ڪارڪن ڏيندا اهي اسان پارٽي چيئرمين حوالي ڪنداسون پوءِ اهو فيصلو ڪندو. اسين جتي به ويا آهيون اتي اسان کي انهن ماڻهن جي سياسي موت نظر آئي آهي جيڪي چون ٿا ته پ پ ختم ٿي چڪي آهي ۽ پ پ پ سنڌ ۾ ڪمزور ٿي چڪي آهي. اسان جتي به وڃون ٿا ته پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هزارين ماڻهن جا هجوم لڳي وڃن ٿا. هن چيو ته هن دفعي ملڪي سياسي صورتحال تمام گهڻي تبديل  ٿي چڪي آهي ۽ هڪ پارٽي جنهن جو نالو نواز ليگ آهي جنهن جو وزيراعظم نواز شريف آهي  ۽ اها پارٽي سدائين ٻين پارٽين ۽  ٻين جمائتن جي اڳواڻن کي چور ۽ ڪرپٽ چوندي هئي، ٻين جي مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهيندي هئي اها پارٽي اڄ پاڻ احتساب جي عمل مان گذري رهي آهي پر اهي احتساب کان ڀڄي رهيا آهن اسين چئون ٿا ته احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان ڪڏهن به احتساب کان نه ڀڳا آهيون. احتساب جي نالي تي آصف زرداري کي ڊگهو عرصو قيد رکيو ويو اهو احتساب نه هو بلڪه اها انتقامي ڪارروائي هئي. هن چيو ته آمر ضيا کان وٺي پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي خاندان جو احتساب ٿيندو رهيو آهي  ۽ هر مخالف حڪومت پارٽي کي هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي رهي آهي جيڪي عدالتن ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن اڄ نواز ليگ جو وارو آيو آهي ته اهي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا آهن اسان ته سدائين عدالتن کي منهن ڏنو آهي. نواز ليگ سربراهه نواز شريف دانشمند آهي اهو سمجهي ٿو ته سڀني قوتن کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي مسئلن جو حل ٿيندو. هن چيو ته نواز ليگ پارٽي جي اڳواڻ جا احتساب  وقت بيان ئي الڳ الڳ اچي رهيا آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته نواز ليگ هڪ پيج تي نه آهي. ميان صاحب سمجهي ٿو ته آصف زرداري ئي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيئن اڳئي دور ۾ به آصف زرداري جمهوريت خاطر پنهنجو دليرانه ڪردار ادا ڪيو آهي. نواز ليگ قيادت اسان کي اپيل ڪري رهي آهي ته اسان جي مدد ڪريو پر نواز ليگ جو هڪ وزير اهڙي غلط زبان استعمال ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اسان انهن جي مدد نه ڪريون. چوڌهري نثار ڪالهه ئي هڪ اهڙو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن بلاول ڀٽو زرداري جو احتساب ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي، نواز ليگ پراڻي روايت کي برقرار رکندي نيب کي استعمال ڪري ڪوڙا ڪيس مڙهڻ جي هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي پر هن وقت ٽائيم تبديل ٿي چڪو آهي. احتساب احتساب ڪندڙن جو هاڻ پاڻ احتساب ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي. آئون نواز ليگ کي چوان ٿو ته عدالتن ۾ اچن ۽ پنهنجو احتساب ڪرائين. بهتر آهي ته اپوزيشن جا سمورا مطالبا مڃيا وڃن ۽ پاناما ليڪس تي بهترين ڪميشن ٺهڻ گهرجي جنهن کي اپوزيشن قبول ڪري ۽ اپوزيشن رستن تي اچڻ تي مجبور نه ٿئي. اگر اپوزيشن رستن تي آئي ته حالات تمام خراب ٿي ويندا جنهن جي ذميدار نواز ليگ حڪومت هوندي. هن چيو ته واپڊا جي چيئرمين پنهنجي ڪرسيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم تي آرٽيڪل لکيو آهي. ڪالا باغ ڊيم مرده گهوڙو آهي ان ۾ جان نٿي پئجي سگهي. ڪالا باغ ڊيم کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن هاڻ ان جي ڳالهه ڪري ٽن صوبن جي تذليل ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.بعد ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميمبرن سرڪٽ هائوس مٽياري ۾ تعلقي وار ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري راءِ ورتي.ان کان اڳ جڏهن ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جا ميمبر سرڪٽ هائوس مٽياري پهتا ته ڪارڪنن اڀ ڏاريندڙ نعرن سان سندن آڌر ڀاءَ ڪيو ۽ کين اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.مذڪوره تقريب ۾ مخدوم عمارحيدر،سيد سڪندرعلي شاه،زوار فقير حسين علي جعفري،سيد ممتازحسين شاه،سيد ضياب الدين شاهه،سيد جاويد شاه،ڊاڪٽر زاهد ميمڻ،محمد عثمان گيدوڙو،وڏيرو محمد اسماعيل ارباب،۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

إرسال تعليق

 
Top