GuidePedia

0
Hala Minister Revenue Makhdoom Jamil Zaman News Online Sindhi NEws
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)11 جولائي 2016
هالا جي صحافين پاران مخدوم هائوس جي چند نام نهاد خليفن خلاف هالا،ڀٽ شاهه جي صحافين کي مخدوم هائوس کان پري رکڻ تي هالا،ڀٽ شاهه جي صحافين جو سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان آڏو سخت احتجاج ۽ انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو،صوبائي وزير پاران هالا،ڀٽ شاهه جي صحافين جي جائزمسئلي تي مخدوم هائوس هالاجي ڪوآرڊينيٽر حاجي حسين سنائي کي هالا،ڀٽ شاه جي سمورن صحافين جا سيل نمبر پاڻ وٽ رکندي مخدوم هائوس جي هرپروگرام جي پاڻ دعوت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جنهن بعد مخدوم جميل الزمان مخدوم هائوس هالا ۾ منعقد اجلاس ۾ شرڪت ڪندي ان ۾ شريڪ ضلعي جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي هن چيوته چوماسي جي امڪاني برساتن/ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ هڪ اعلى سطحي گڏجاڻي سنڌ جي روينيو کاتي واري وزير مخدوم جميل الزمان جي صدارت هيٺ مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي.جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري پرويز احمد بلوچ،ضلعي جي ٽنهي اسسٽنٽ ڪمشنرن،ٽائون آفيسرن،ورڪس ۽ سروسز،صحت سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته هر سرڪاري کاتو پنهجي ذميداري محسوس ڪندي برساتن کان اڳ پنهنجا انتظام اڳواٽ مڪمل ڪري وٺي ته جيئن ڪنهن به امڪاني اڻوڻندڙ صورتحال کي بروقت منهن ڏيئي سگھجي.هن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سميت ضلعي جي ٽنهي اسسٽنٽ ڪمشنرن،پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن ۽ ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي شهرن ۾ نيڪال جي نظام ۾ سڌارا آڻين ۽ نيڪال جي نالين تان قبضا ختم ڪرائي انهن جي هاڻ کان ئي صفائي شروع ڪري ڇڏين جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جي ڀڳل ٽٽل لائينن جي مرمت کي يقيني بڻائين ته جيئن برسات جو پاڻي روڊن تي جمع نه ٿي.هن کين اها به هدايت ڪئي ته شهرن ۽ ٻهراڙين جي هيٺياهن علائقن مان برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ پاڻي جي نيڪال وارين مشينن کي فنڪشنل حالت ۾ اسٽينڊ باءِ رکن جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ يا ڪنهن فني خرابي جي صورت ۾ مشينن کي هلائڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ جريٽر جي موجودگي کي پڻ يقين بڻائين.هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي برسات دوران ضلعي جي ٽنهي اسپتالن سميت ديهي ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي موڪلن تي پابندي لڳائي ڇڏين ۽ اتي زندگي بچائيندڙ دوائن خاص طور تي نانگ جي ڏنگيل مريضن کي لڳندڙ ويڪسين ۽ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن کي لڳندڙ ويڪسين جي وڏي مقدار ۾ موجودگي کي يقيني بڻائين جڏهن ته سندن وٽ موجود سمورين ايمبولنسن کي هر وقت تيار رکن ان کان علاوه برسات سبب پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺن ۽ ماڻهن کي مليريا کان بچائڻ لاءِ برسات دوران صبح ۽ شام جو روزانو مڇر مار اسپري ڪن ۽ ماڻهن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪن..هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۾ موجود جانورن جي سروي ڪري انهن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا هڻن. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪولن جي فهرست ضلعي انتظاميا وٽ جمع ڪرائين ته جيئن ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال ۾ اتي امدادي ڪئمپون قائم ڪري سگھجن.هن چيو ته حڪومت جي اها ڪوشش آهي تي ڪنهن مٿاهن هنڌن تي ٽينٽ سٽي قائم ڪيا وڃن ته جيئن اسڪولن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ڇاڪاڻ ته اسڪولن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪرڻ سان تدريسي عمل متاثر ٿي ٿو.هن پوليس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي به تيار رهن.هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي برساتن دوران فيلڊ ۾ موجود رهن ۽ ڪٿي به تار يا پول ڪري ته ان جي فوري بحالي لاءِ قدم کڻن ڇاڪاڻ ته برساتن دوران ماڻهن جو موت گھڻي ڀاڱي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿئي ٿو ان ڪري ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سمورن عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي موسميات کاتي،ضلعي انتظاميا ۽ پراونشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سان ويجھو رابطو رکن ته جيئن ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگھجي.گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته برساتن دوران سندس آفيس ۾ رين/فلڊ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو جيڪو نه صرف ماڻهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري تحرڪ وٺندو پر سمورن لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي جي مانيٽرنگ ڪندو ۽ ان کان علاوه ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن جي پڻ نظرداري ڪندو.بعد ۾ صوبائي وزير گذريل ڏينهن هالا پراڻا ڀر سان درياءَ ۾ ٻڏي ويل هالا واسي نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ هلندڙ ڪوششن جو جائزو ورتو ۽ ٻڏي ويلن جي وارثن سان ملاقات ڪري ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي پاران هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.بعد ۾ صوبائي وزير سڳيون مٽياري(ايس ايم ) بند جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ چيو ته ماڻهن کي ڪوبه خوف نه ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ هن ڀيري آبپاشي عملدارن بندن تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته خطري جي ڪابه ڳالھ ڪونهي.

إرسال تعليق

 
Top